ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته اسان جي ڪرڪيٽ ڊگهي عرصي کان آءِ سي يو ۾ آهي، جيستائين ميرٽ تي فيصلا نه ٿيندا پاڪستان ڪرڪيٽ جو ساڳيو حال رهندو.
هڪ تقريب دوران ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو تهسرجريون رانديگرن جون ٿي رهيون آهن، جڏهن ته مئنيجمينٽ پنهنجو بچاءُ ڪري رهي آهي.
هن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي بابت ڳالهائيندي چيو ته هو ڪم ڪرڻ چاهي ٿو، پر مسئلو اهو آهي ته هو ڪرڪيٽ کي نٿو ڄاڻي.
سندس چوڻ هو ته ڪرڪيٽ بورڊ وڏو ادارو آهي، جنهن کي مڪمل وقت ڏيڻ ضروري آهي، رڳو صلاحڪارن تي ان کي نٿو هلائي سگهجي.
شاهد آفريدي چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل تقريب ۾ پي سي بي جي نمائندي کي نه سڏائڻ کي به هڪ وڏو سوال قرار ڏيندي چيو ته جيستائين ميرٽ تي فيصلا نه ٿيندا حالتون ائين رهنديون.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته رانديگر ٽيم ۾ ڪيئن واپس اچن ٿا ڪنهن کي به خبر ناهي، شاداب خان ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ ڪهڙي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي؟ جڏهن ته سلمان آغا ون ڊي جو سٺو رانديگر آهي، پر ٽي ٽوئنٽي ۾ سندس اسٽرائيڪ ريٽ گھٽ آهي.
اڳوڻي آل رائونڊر جو چوڻ هو ته جيئن ئي نئون چيئرمين اچي ٿو، سڀ ڪجهه تبديل ٿي وڃي ٿو، اسان سڄو وقت تياري ڪندا آهيون ۽ آخر ۾ سرجري ڪندا آهيون.
هن وڌيڪ اسان تمام تيزي سان ڪپتان تبديل ڪندا آهيون، ڪپتان ۽ ڪوچز کي وقت ڏيڻ گهرجي ۽ مٿن دٻاءُ نه وڌو وڃي.
Next Post
You might also like