ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوليس جي وردي پائي گهرن مان ڦر، اغوا ۽ ٻين سنگين وارداتن ۾ ملوث 5 رڪني گروهه کي گرفتار ڪيو ويو.
ڪراچي ۾ ڪورنگي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي 5 رڪني گروهه کي گرفتار ڪري ورتو.
ايس ايس پي ڪورنگي طارق نواز موجب جوابدارن ۾ علي عمران شيخ، وقار، انيل، ڌيرج ۽ فرزوق شاهه شامل آهن، جڏهن ته انهن جي قبضي مان هٿيار به برآمد ڪيا ويا آهن.
جوابدارن ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ وارداتن جو انڪشاف ڪيو آهي، هو پوليس جي وردي پائي وائرليس سيٽ ڏيکاري گهرن ۾ داخل ٿيندا هئا، جوابدار ڦر ۽ اغوا سميت ٻين وارداتن ۾ ملوث آهن.
You might also like