رويندرا جاڙيجا جو رٽائرمينٽ بابت اهم بيان

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي آل رائونڊر رويندرا جاڙيجا ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ بابت خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
آچر جي ڏينهن ڀارت آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي فائنل ۾ نيوزيلينڊ کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽيون ڀيرو چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.
دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل آخري دنگل ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتان مچل سينٽنر ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، نيوزيلينڊ 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 251 رنس ٺاهيون.
جواب ۾ ڀارت 49هين اوور ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي هدف حاصل ڪري ورتو.
ڀارتي آل رائونڊر جاڙيجا ميچ جي آخري لمحن ۾ فيصلائتي چوڪو هڻي پنهنجي ٽيم کي چيمپيئن بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
هن شاندار فتح کانپوءِ جاڙيجا جي ون ڊي فارميٽ تان رٽائرمينٽ بابت افواهه گردش ڪري رهيا هئا جنهن کي هن بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
ان ڏس ۾ رويندرا جاڙيجا انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري پوسٽ ڪندي لکيو”مهرباني ڪري ڪو به غير ضروري افواهه نه پکيڙيو، مهرباني..! “
ياد رهي ته 36 ورهين جي ڀارتي آل رائونڊر فائنل ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري، جتي هن 10 اوورن ۾ رڳو 30 رنسون ڏئي بهترين بالنگ ڪئي، اتي بيٽنگ ۾ ناقابلِ شڪست رهندي 9 رنسون ٺاهي ٽيم جي فتح کي يقيني بڻايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.