سال 2023ع جي آخر ۾ گوگل اعلان ڪيو هو ته ميپس لوڪيشن هسٽري کي واهپيدار جي فون ۾ منتقل ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ ٽائم لائين ڊيٽا کي ڊليٽ ڪيو ويندو.
هاڻي گوگل اعلان ڪيو آهي ته 18 مئي تائين سڀني واهپيدارن جو ٽائم لائين ڊيٽا ختم ڪئي ويندي.
گوگل تصديق ڪئي آهي ته جيڪڏهن واهپيدار پنهنجي ٽائيم لائن ڊيٽا محفوظ رکڻ چاهين ٿا ته کين نئين سيٽنگز جي چونڊ ڪرڻي پوندي ۽ اهو عمل 18 مئي کان اڳ مڪمل ڪرڻو پوندو.
پهريان گوگل واهپيدارن جي ڊيٽا پنهنجي ڪلائوڊ سرورز تي محفوظ ڪندو هو، پر هاڻي پرائيويسي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ان کي سڌو فون ۾ محفوظ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
‘يئور ٽائم لائين’، جيڪا اڳي ”لوڪيشن هسٽري“ طور ڄاتي ويندي هئي، هاڻي رڳو واهپيدار جي فون تائين محدود هوندي ۽ ٻين ڊيوائيسز تي ان کي استعمال نٿو ڪري سگهجي.
ان جو ويب ورزن به دستياب نه هوندو پر واهپيدار ان جو بيڪ اپ محفوظ ڪري يا ڊوائيس ٽرانسفر سسٽم استعمال ڪري سگهن ٿا.
18 مئي کانپوءِ گوگل ميپس جي ڪلائوڊ سرورز تي موجود سموري لوڪيشن هسٽري ڊليٽ ڪئي ويندي، جڏهن ته فون تي محفوظ ٿيل 3 مهينن کان وڌيڪ پراڻي ڊيٽا به ختم ڪئي ويندي.
جيڪڏهن توهان ماضي جي سفرن يا يادين لاءِ گوگل ميپس جي ٽائم لائين فيچر تي ڀاڙيندا آهيو ته پوءِ 18 مئي کان اڳ پنهنجي ڊيٽا کي ڊائونلوڊ ڪري محفوظ ڪرڻ لازمي هوندي ٻي صورت ۾ اِها هميشه لاءِ ختم ٿي ويندي.
You might also like