ٺٽو/گڏاپ(نمائندا) جيئي سنڌ قومي محاذ پاران شھيد بشير خان قريشي جي ورسي 7 اپريل 2025ع تي رتوديرو ۾ ڀرپور نموني سان ملھائڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. ان سلسلي ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته شھيد بشير خان قريشي سنڌ جو سچو عاشق ھو، سنڌو درياءُ مٿان ڪئنال اڏڻ سنڌ لاءِ ڊيٿ وارنٽ سمجهون ٿا، درياءُ اسان جي زندگي آهي، شهيد بابا جي ورسي تي درياءُ بچائڻ لاءِ جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو اعلان ڪنداسين. ھن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ لاءِ پنجاب جي چولستان کي آباد ڪرڻ واري هوڏ ختم ڪري،ٻئي پاسي صنعان خان قريشي 14 مارچ تي سنڌو درياھ کي بچائڻ ۽ درياءُ سان محبت جو ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي هن چيو ته جيئن سنڌي قوم ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان شهرن ۽ ڳوٺ ۾ سنڌي ثقافت جون ريليون ڪڍي پنهنجي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪندي آهي ائين 14 مارچ تي سنڌو درياءُ کي بچائڻ لاءِ درياءُ جي ڪنارن تي گڏ ٿي احتجاج رڪارڊڪرائن