آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو سنڌ جو پاڻي وڪڻڻ وارا آهن: عمر ايوب

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ ۽ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو سنڌ جو پاڻي وڪڻڻ وارا آهن، پارليامينٽ  جي گڏيل اجلاس بعد ٻين اڳواڻن سان گڏ پارليامينٽ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمر ايوب چيو ته آصف زرداري پاڻ کي صدر ٿو چوي پر اڄ به تڪراري صدر آهي، اسان هن مڙهيل حڪومت کي نٿا مڃون، آصف علي زرداري پارليامينٽ ۾ ڪا خاص ڳالهه نه ڪئي، هي پيڪا ايڪٽ ۾ فارم 47 واري حڪومت سان گڏ بيٺل رهيا، پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، آصف زرداري هجي يا بلاول ڀٽو سنڌ جو پاڻي وڪڻڻ وارا آهن، اسان پارليامينٽ ۾ بينظير جي تصوير جي پويان زرداري جي باقيات ڏٺي، تقرير ۾ آصف زرداري اهو ثابت نه ڪري سگهيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.