ملير ۾ سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد فيز ون پاران لياقت جهتيال تعزيتي ريفرنس منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ قومي عوامي تحريڪ ، عوامي تحريڪ ، عوامي پريس ڪلب ملير مراد ميمڻ ڳوٺ جي اڳواڻن ، سياسي سماجي شخصيتن ، اديبن ،دانشورن ، پروفيسرن ، شاعرن ۽ ويجهو ساٿين ، مائٽن شرڪت ڪئي ، لياقت جهتيال ڌرتيءَ جي درد کي گهرائيءَ سان محسوس ڪندو هو، هن سان جڏهن به مليس ته انهن دردن جي اپٽار ڪئي سين. اهڙن خيالن جو اظهار قومي اڳواڻ، ليکڪ ۽ صحافي علي نواز ٻٽ سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد فيز ون پاران لياقت جهتيال جي لاڏاڻي تي منعقد تعزيتي ريفرنس ۾ صدارتي خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو. هن چيو ته جڏهن سنڌ تي ڪو ڏکيو وقت ايندو هو ته هو بنا ڪنهن سياسي ڪال جو انتظار ڪرڻ جي ميگا فون کڻي عوامي هنڌن تي نڪري ايندو هو ۽ ماڻهن کي سجاڳ ڪندو هو، هن ان ڳالهه جو ڪڏهن به انتظار نه ڪيو ته هن سان ماڻهن جو ڪو ميڙ گڏ هجي تي پوءِ پنهنجو مزاحمتي آواز بلند ڪري. هن چيو ته اسانکي پاڻ ۾ لياقت جهتيال جهڙي جرئت پيدا ڪرڻي پوندي. هن کي ڪنهن جي روڪڻ جي پرواهه ڪانه هئي، هي بي ڊپو سچ ڳالهائيندو هو. قومي عوامي تحريڪ ملير جي اڳواڻ منان شيخ چيو ته لياقت جهتيال سڀني کان منفرد هو، هو گهٽ ڳالهائيندو هو ۽ عمل وڌيڪ ڪندو هو. سنڌ ۾ ڪيترائي انمول ڪردار ڏٺاسين پر هن جو فڪر ۽ عمل هميشه اسان لاءِ اتساهه جو ڪارڻ رهندو، هي سراپا تحريڪ هيو. هيڏي وڏي پارٽي جو ماڻهو اڪيلو نڪري پوندو هو. منان شيخ چيو ته ڪي سياسي دوست فون ڪري چوندا هيا ته لياقت کي چئي ته هو ڪجهه هلڪو هٿ رکي پر هو ڪٿي مڙندو هو. هو سرعام حڪمرانن کي للڪاريندو هو. هو مصلحت پسند نه هو. هن چيو ته مختلف ڳالهيون ڪندڙن کي اذيتن مان گذرڻو پوندو آهي، ۽ مختلف ڳالهيون ڪرڻ سان ئي تبديليون اينديون آهن. لياقت جهتيال جي آواز ۾ طاقت هئي. جذبو هو. صحافي ذوالفقار واهوچي چيو ته لياقت جهتيال سنڌ جو نئون ڪردار هو. هي سراپا جدوجهد هيو هھڙو ڪردار سنڌ ۾ پهرين نه هو. سمورن دوستن کي لياقت جو يادون لکڻ گهرجن ۽ ڇپرائڻ گهرجن. سنڌ جي اڃايل ڌرتيءَ جو هي انمول هيرو هو. توڙي جو هن سان اختلاف ٿيندا هيا بحث به ٿيندا هيا پر تنهن جي باوجود هو اسان جو محسن هو. اسان جي ساٿ جو ساٿي هو، گڏجي سنڌ جي وستين واهڻن ۾ پنڌ ڪياسين. هن چيو ته هاڻي جاگيردارن،سردارن، حڪمرانن ۽ ملي جو پاڻ ڳٺ جوڙ آهي. وڏيري جي زمين سان انسيت ناهي، هزارين ماڻهو اڄ به اسانکي مزارن تي مٿو ٽيڪيندي نظر اچن ٿا. اهڙن ماڻهن کي تبديل ڪرڻ لاءِ لياقت جهتيال ميگافون کڻي نڪري پوندو هو. ذوالفقار واهوچي چيو ته هزارين سالن کان ماريل قوم کي هاڻي پاڻ ۾ هڪ ٿيڻو پوندو. هن قوم کي ننڊ مان اٿڻ ۾ اڃان سال لڳندا. اسانکي خبر آهي سنڌ ڀڙڀانگ آهي پوءِ به اسين اختلافن جو شڪار آهيون. لياقت جهڙا ڪردار صدين تائين ظلم خلاف وڙهندا ۽ اهي قبرن مان به پنهنجي ويڙهه کي جاري رکندا. ههڙا ڪردار مرڻا ناهن هي وري وري جنم وٺندا.
ملڪ کان ٻاهر رهندڙ لياقت جهتيال جي پٽ طارق جهتيال چيو ته ننڍڙو هجڻ ڪري بابا سان وڌيڪ ويجهو رهيس بابا منهنجي هنج ۾ دم ڏنو. مرڻو هر ڪنهن کي آهي پر بابا جو منفرد ڪردار اسان جي لاءِ اتساهه جو ڪارڻ رهندو. هن چيو ته پاڻيءَ جو مسئلو هجي يا ڪي ٻيا مسئلا بابا اڪيلي سر نڪري پوندو هو ۽ ميگافون تي احتجاج ڪندي عوام جو مسئلن ڏانهن ڌيان ڇڪائيندو هو. هو سفرنامن پڙهڻ جو شوقين هو. مون فنلينڊ ما گريجوئيشن ڪري کيس نار جا اهي ملڪ ڏيکاريا جن کي ڏسڻ جو کيس شوق هوندو هو. طارق جهتيال چيو ته بابا اصول پرست ماڻهو هو. اشرف ڪلهوڙي چيو ته لياقت جهتيال واحد ماڻهو جنهن کي سچ ڳالهائڻ لاءِ ڪنهن پارٽي جي ڪال جو انتظار نه ڪرڻو پوندو هو، جڏهن سنڌ جي مٿان ڪو ڏکيو وقت آيو ته هي ميگا فون کڻي اکيون ٻوٽي نڪري پوندو هو. هي بي خوف هو هن ڪڏهن به سچ تي سوديبازي نه ڪئي. اليڪشن ۾ بيٺو ته کيس سڀ کان وڌيڪ ووٽ عورتن جا پيا ۽ هڪٻئي کي چونديون رهيون ته سچو ماڻهو آهي ۽ سنڌ لاءِ ميگافون کڻي آواز اٿاريندو رهندو آهي. سنگت گلشن حديد فيزون جي جوائنٽ سيڪريٽري سيف الله پليجي چيو ته مون سنڌ جي هن واحد ماڻهو کي ڏٺو ته اڪيلو نڪري پوندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنج ماڻهو به ساڻس گڏ اچي بيهندا هيا. هن جيترو وقت سياست کي ڏنو اوترو وقت هن گهر ۽ ٻارن کي به ڏنو ۽ ٻنهي کي برابري جي بنياد تي متوازن نموني سان هلائي مثال قائم ڪيائين، هن سياست جي باهه ۾ پنهنجي گهر کي اڇلڻ کان پاسو ڪيو. قومي عوامي تحريڪ جي فرحان لاڙڪ لياقت جهتيال جي جدوجهد ۽ زندگي تي ڳالهائيندي چيو ته هي سنڌ جو عظيم ۽ جدوجهد جي ميدان جو يگانو ڪردار هو. هو اسيءَ جي ڏهاڪي کان فڪر پليجو سان سلهاڙيو هو. هن چيو ته سنڌ جو درد هن جي وجود ۾ پيوند ٿيل هو. هي عقيدي پرست نه پر سائنس جي پاسي بيٺل ماڻهو هو. ڪاشف خاصخيليءَ چيو ته لياقت فرد نه پر تحريڪ هيو. هن کي سنڌ هميشه ياد رکندي. امتياز دانش پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هو پينافليڪس کڻي اڪيلي سر حڪمرانن کي للڪاريندو هو. آصف جهتيال چيو ته بابا سن 1952 ۾ دادو ضلعي جي هڪ ننڍڙي شهر ۾ جنم ورتو، هڪڙو سال سرڪاري نوڪري ڪيائين ۽ پوءِ اها ڇڏي ميڊيڪل اسٽور کوليائين. غلام نبي کوسو هن جو سياسي استاد هيو جنهن کيس فڪر پليجو سان سلهاڙيو. بابا جا سڀ ٻار پڙهيل ڳڙهيل ۽ نوڪرين سان آهن. اسان کي بابا پنهنجو گهر ڏئي ويو. بابا جي وڇوڙي سان گهر جو نقصان گهٽ پر پارٽي جو وڌيڪ ٿيو آهي، اسان سندس نقش قدم تي هلنداسين.
غوث پيرزادي چيو ته لياقت جهتيال جهڙا ماڻهو گلن جيان ڌرتي مان ڦٽي نڪرندا آهن ۽ پنهنجي خوشبو ڌرتي کي صدين تائين مهڪائي هليا ويندا آهن، ههڙن ڪردارن جو ڪردار ۽ سندن سچائي جو امين هوندو آهي. مجيب بگٽيءَ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته لياقت جهتيال جهڙن ڪردارن جي سنڌ کي ضرورت آهي، بغير ڪنهن مفاد جي سنڌ پرستي ڪندڙ هن ڪردار کي صدين تائين ياد ڪيو ويندو
تعزيتي ريفرنس ۾ سليم العارف ڪنڀار، رستم لڪ، ضمير لغاري، سينگار بليدي، عبدالوهاب ڏيرو، فياض اتيرو، ارشاد ڪٽپر، جنسار علي هيسباڻي، دلاور هيسباڻي، سجاد علي هيسباڻي، سليمان شاهه، ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ لياقت جهتيال تي سياسي سفر تي ڳالههايو هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آھي قومي هيرو لياقت جهتيال کي صدين تائين زنده رکڻ لاءِ ويجها دوست ساٿي جن جدوجهدن ۾ گڏ گذاريو سي سندس سان ڪيل جدوجهدن کي ڪتابي شڪل ڏئين ته لياقت جهتيال جهڙو ڪردار صدين تائين امر ٿي وڃي ۽ ايندڙ نسلن کي اتساهه ملي ته جديد دور ۾ نواڻ ۽ جديد طرز تي جدوجهد ڪندڙ ڪردار لياقت جهتيال پنهنجي ڌرتي لاءِ پنهنجي زندگي ڪيئن ارپي ڇڏي ۽ ميدان عمل ۾ رهيو جاگيرداري ، وڏيراشاهي ، سرمائيداري نظام توڙي آمريت لاءِ وڏي للڪار رهيو