ڪراچي (ويب ڊيسڪ) روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل صحافي تشڪيل سنديلو جي ياد ۾ ڪراچي ۾ روزاني عوامي فورم جي هيڊ آَفيس ۾ عوامي فورم ۽ ايس اين ايس پاران تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو.
ميڙاڪي ۾ ناليواري صحافي مشتاق سرڪي، مختيار سومرو، قاضي شفيق، مقبول سنديلو، سرور سميجو، صاحب خان ڀنڊ، شير محمد کهاوڙ، حزب الله تنيو، تصوير سنديلو، نصرالله جمالي، الطاف پيرزادو، نواز ڏاهري، رياض ابڙو، ماجد سمون، حسن زنگيجو، امانت سنديلو، منصور ميمڻ، نظير ميمڻ، وجي ڪمار، عباس پٺاڻ، ظفرالله ملاح، مشتاق ميراڻي، ڪامريڊ عيسيٰ انصاري، وحيد سمون، حسن پيرزادو، نجيب سنديلو، ماجد سنديلو، علي وقاص سنديلو، شان سولنگي، راجا سنديلو ۽ ٻين صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ميڙاڪي ۾ تشڪيل سنديلو جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي.
ان موقعي تي مشتاق سرڪي چيو ته تشڪيل سنديلو جهڙا محنتي ۽ ايماندار صحافي تمام گهٽ آهن، پونئيرن سان ڏک جي گهڙي ۾ گڏ آهيون.
مختيار سومرو چيو ته تشڪيل سنديلو اداري جو سچو ۽ محنتي ساٿي هو، ان سميت اداري جا سڀ ورڪر ٻچن جيان آهن ۽ سدائين رهندا.
تعزيتي ميڙاڪي ۾ پنج رڪني ڪميٽي به جوڙي وئي، جيڪا ڪيس جي پوئواري ڪندي، جڏهن ته آخر ۾ مهمانن لاءِ افطاري ۽ خيرات جي ماني جو اهتمام پڻ ڪيو ويو.
You might also like