ڄام ساقيءَ جو ذڪر پاڪستان ۾ عوامي جدوجهد ڪرڻ وارن ۾ سڀ کان اول ٿيندو هو. غير طبقاتي سماج لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڄام ساقيءَ ڪڏهن به مفاهمت نه ڪئي ۽ نه ئي ڪڏهن پنهنجن سياسي نظرئي ۽ اصولن کي قربان ڪيو.هُو پاڪستان جي عوامي تاريخ جو هڪ اهڙو ڪردار آهي جنهن جي لاڳيتي جدوجهد اڄ نه ته سڀاڻي انقلاب جو تسلسل ثابت ٿيندي.
ڄام ساقيءَ ۳۱ آڪٽوبر تي ٿرپارڪر جي تعلقي ڇاڇري جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جهنجهيءَ ۾ اک کولي، هي اهو وقت آهي جڏهن دنيا جي پهرين سوشلسٽ رياست جرمنيءَ کي شڪست ڏيڻ واري هُئي، ڄام ساقي اڃا ڪجهه مهينن جو ئي هو ته سڄي دنيا ۾ جمهوري اتحاد جي فتح سامهون نظر اچي رهي هُئي ۽ وڏي پئماني تي دنيا ۾ ماڻهن جي قتل ٿيڻ جو سلسلو ختم ٿي رهيو هو.ڄام ساقيءَ جي پيدائش کان ٺيڪ هڪ صدي پهريان ۱۸۴۴ع ۾ جرنيل هوش محمد شيدي وطن لاءِ گوريلا جنگ وڙهي رهيو هو، هُن پنهنجي وطن سان محبت ۽ بهادريءَ جا جوهر ڏيکاري وطن جي آزاديءَ لاءِ هڪ لافاني نعرو “ مرويسون مرويسون، سنڌ نه ڏيسون”. هنيو هو.
ڄام ساقيءَ جو ننڍپڻ جيڪو ٿرپارڪر ۾ گذريو هو جيڪو ان وقت به جديد دور کان هڪ صدي پوئتي هو، ڄام ساقيءَ جي ذهن ۾ ان دور جي جيڪڏهن سڀ کان وڏي ڪا يادگيري محفوظ هُئي ته اها هئي اخبارن جي هيڊنگس ۽ اخباري هاڪرن جو گوڙ ۽ شور هو.ڄام ساقيءَ جي ڪچڙي ذهن ۾ جيڪي ڳالهيون سڀ کان پهريان پيون، سي سندس والد صاحب جون هيون، جيڪي پنهنجن دوستن سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڏيهي ۽ پرڏيهي سياست تي بحث ڪندي ڪندو هو،روس، زار، انقلاب ۽ مزدورن جي حڪومت جون ڳالهيون انهيءَ ننڍڙي ۽ ڪچڙي ذهن ۾ سڀ کان پهريان پيون هيون.ڄام ساقيءَ کي چٽي نموني اها ڳالهه به ياد نه هُئي ته هو جڏهن پهريون دفعو اسڪول ويو هو ته پهرين ڏينهن اسڪول ۾ ڇا ٿيو هو، ڇو جو سندس والد صاحب انهيءَ پرائمري اسڪول ۾ استاد هيو، جنهن ۾ ڄام ساقي داخل ٿيو هو.ڄام ساقيءَ جو والد پيشي جي حوالي سان استاد هيو پر سماجي ڪم ڪارين ۾ به ڀرپونموني سرگرم رهندو هو، هُن جي سماجي سرگرمين طرف دلچسپي ايتري ته شديد هُئي جو هو پنهنجي سڄي مهيني جي پگهار پڻ انهن سماجي سرگرمين تي خرچ ڪري ڇڏيندو هو.
ڄام ساقيءَ ننڍڙي عمر ۾ ئي تقرير ۽ تعليم طرف توجهه ڏيڻ شروع ڪئي هُئي. پنهنجي تعليم جي شروعاتي سالن ۾ ئي تقريري مقابلي ۾ حصو ورتو هو ۽ هُن ان وقت پاڪستان جي وزير اعظم لياقت علي خان کي موضوع بڻائي تقرير ڪئي هُئي. ان وقت هڪ رٽائرڊ پرائمري استاد عنايت الله جنهن جو تعلق انڊر گرائونڊ ڪميونسٽ پارٽيءَ سان هو، ان جڏهن ڄام جي تقرير ٻڌي ته هو تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ ان ڄام سان ملاقات ڪئي.ان ملاقات ڄام جي زندگيءَ جي حقيقي رستي جو تعين ڪري ڇڏيو هو. ۱۹۶۲ع ۾ لوڪل بورڊ اسڪول ڇاڇرو مان ميٽرڪ ڪرڻ بعد حيدرآباد اچي ويو هو جتي هُن گورنمينٽ ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر ۾ داخل ورتي هُئي.ڄام جو پنهنجي استاد جي معرفت ڪميونسٽ پارٽيءَ سان رابطو ٿيو هو ۽ بعد ۾سندس ملاقات نامياري ڪميونسٽ اڳواڻ سلام بخاريءَ سان پڻ ٿي هُئي.
هُن ڪاليج جي دور ۾ڪميونسٽ پارٽي جي ڪارڪنن سان ملاقات بعد جهڙوڪر پنهنجي سياسي سفر جو آغاز ڪري ڇڏيو هو، هُن ان وقت ون يونٽ خلاف پمفليٽ لکيو هو جنهن جي قيمت ۱۰- پئسا هُئي، ڪجهه مهينن بعد ان پمفليٽ تي پابندي لڳائي وئي جنهن ڪري ان پمفليٽ جي مقبوليت ۾ انتهائي اضافو ٿي ويو هو.انهن ڏينهن ۾بلوچ اڳواڻ غوث بخش بزنجو جو پُٽ بزن بزنجو جهڙوڪر سياست ۾ سرگرم ٿي رهيو هو، غوث بخش بزنجو ان وقت جي سياسي قيادت کي گذارش ڪئي هُئي ته منهنجي پُٽ جي تربيت ڪئي وڃي ۽ کائنس ڪم ورتو وڃي.۱۹۶۳ع ۾ ڄام ساقي ۽ انهن جي دوستن ٽن نقطن تي ٻڌل هڪ دستخطي مهم هلائي جن ۾ پهريون نقطو هو ته سمورا تعليمي امتحان مادري زبان ۾ ورتا وڃن، ٻيو نقطو هو ته انٽر سائنس ۾ پاس ٿيندڙ شاگردن کي لاڳاپيل ادارن ۾ سيٽون وڌائي داخلائون ڏنيون وڃن يا نوان ڪاليج قائم ڪيا وڃن ۽ ٽيون نقطو هو ته ڪاليج ۾ هر سال في نه ورتي وڃي پهريون ئي دفعو ورتل داخلا فيءَ کي سموري تعليمي عرصي لاءِ تسليم ڪيو وڃي.۱۹۶۴ع ۾ مدئجي ۾ هاري ڪانفرنس ۾ شموليت تان واپسيءَ بعد حيدرآباد ايندي ئي حيدرآباد اسٽوڊنسٽس فيڊريشن قائم ڪئي ۽ ۱۰- نومبر ۱۹۶۴ع تي شاگرد ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو. ڪنوينشن ۾ ڄام ساقي جنرل سيڪريٽري ۽ يوسف لغاري ڪنوينر چونڊيا ويا.
ڄام ساقي جي سياسي سرگرمين سبب ۱۹۶۴ع جي آخري مهينن ۾ ڄام ساقيءَ جو والد ساڻس ناراض ٿي ويو ڇو جو سندس خواهش هُئي ته ڄام ساقي سائنس جي مضمونن ۾ مهارت حاصل ڪري، پر سياسي سرگرمين سبب ڄام جي توجهه سائنس جي مضمونن تان هٽي وئي هُئي.ڄام جي والد کيس خط لکيو هو ته، “ يا ته تون سائنس پڙهه يا ڳوٺ واپس اچ”، ڄام جيڪڏهن واپس ڳوٺ وڃي ها ته سياسي ڪم ڪري نه سگهي ها، پر هُن ڳوٺ وڃڻ نه پئي چاهيو تنهنڪري هُن نوڪري ڳولڻ شروع ڪئي، اهي ڏينهن ڄام جي زندگيءَ جي ڏکين ڏينهن مان هُئا ان ڏينهن دوران هو ڪڏهن پنهنجي دوست نجم الدين ميمن جي گهر ماني کائيندو هو ته ڪڏهن بک تي گذاريندو هو، ڄام انهن ڏينهن ۾ اڪثر ڪري پڪوڙن تي گذاريندو هو.۱۹۶۴ع ۾ کيس واپڊا ۾ نوڪري ملي وئي هو صبح جو نوڪري ڪندو هو ۽ شام جو يونيورسٽي يا هاسٽلز ۾ ويندو هو جتي هو شاگردن ۾ سياسي ڪم ڪندو هو، هو سياسي سرگرمين دوران ايوب خان خلاف چونڊن ۾ بيٺل فاطمه جناح جي چونڊ مهم ۾ پهچي ويندو هو.
۱۹۶۶ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جا تاشقند معاهدي سبب ايوب خان سان اختلاف ٿي پيا جنهن ڪري هو ايوب ڪابينا مان ٻاهر ٿي ويو.انهن ئي ڏينهن ۾ عنايت ڪاشميري حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪنوينشن جي تجويز پيش ڪئي، انهيءَ ڪنوينشن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي اچڻ جي دعوت ڏني وئي، انهيءَ ڪنوينشن ۾ ڄام جي ملاقات ڀٽي سان ٿي.انهيءَ ڪنوينشن ۾ ڀٽي اِهو اعتراف ڪيو هو ته ايوب حڪومت منهنجي خلاف آهي ان ڪري منهنجي هتي اچڻ تي فيڊريشن جي ڪارڪنن کي تنگ ڪيو ويندو. ذوالفقار علي ڀٽي جي اهڙي اظهار تي ڄام کيس چيو “ اسين به ڦرڻ وارن مان ناهيون”.ان ڪنوينشن ۾ ڀٽي هندستان، اسرائيل ۽ ايوب خلاف سخت تقرير ڪئي پر ان ون يونٽ خلاف هڪ لفظ به نه ڳالهايو، انهيءَ ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڀٽي مختلف ذريعن سان حيدرآباد اسٽوڊٽس فيڊريشن جي اڳواڻن سان رابطو ڪري کين چيو ته، مون کي انهيءَ ڪنوينشن جو مهمان خاص بڻايو وڃي.پر ڄام کيس جواب ۾ چيو ته اوهان ايوب خان جي مخالفت ڪيو ٿا ۽ تاشقند معاهدي جي مخالفت ۽ ون يونٽ جي حمايت ڪيو ٿا ۽ اسان جي جماعت تاشقند معاهدي جي حمايت ۽ ون يونٽ جي مخالفت ڪري ٿي.ڀٽي ساڻن معاهدو ڪيو ته هو پنهنجي تقرير ۾ جمهوريت جي حمايت ڪندو ۽ ون يونٽ ۽ تاشقند معاهدي تي خاموش رهندو، پر ڄام ۽ ان جا ساٿي تڏهن به تيار نه ٿيا پر مير رسول بخش ٽالپر جي اصرار تي ڀٽي کي پنهنجي جلسي لاءِ خاص مهمان بڻائڻ لاءِ تيار ٿي ويا.جلسي بعد رسول بخش پليجو جي گهر ڀٽي ڄام جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو، “ ڄام مان تنهنجو هي احسان ڪڏهن به وساري نه سگهندس”، ۽ واقعي ڀٽي اهو احسان سڄي زندگي نه وساريو، ڀٽو جيئن ئي اقتدار ۾ آيو ته هن فوري طور تي ڄام کي گرفتار ڪرائي ورتو.ڄام دانشور نديم اختر، هدايت حسين ۽ ٻين ساٿين سان گڏجي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو انڊس هوٽل ۾ پهريون ڪنوينشن ڪيو، اجلاس ۾ ڄام ساقي صدر، نديم اختر سينيئر نائب صدر ۽ مير ٿيٻو جنرل سيڪريٽري چونڊيا ويا.ڄام ساقيءَ جيئن ئي پنهنجي سياسي زندگيءَ شروع ڪئي ته مٿس جيلن جا منهن کلي ويا. ڄام ۱۹۶۶ع کان ۱۹۶۹ع تائين جيل ۾ قيد رهيو.
۴- مارچ ۱۹۶۷ع جي شاگرد تحريڪ سنڌ جي تاريخ جو هڪ روشن باب آهي، جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر کي غير قانوني طور تي برطرف ڪيو ويو ته شاگردن احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي جنهن ۾ ڄام ۽ سندس دوست پيش پيش رهيا.ان وقت جي ڪمشنر مسرور حسن شاگردن تي بي انتها تشدد ڪرايو ۽ ڪيترن ئي شاگردن کي گرفتار ڪرايو ويو، ڄام موقعي جو فائدو وٺي انهيءَ تحريڪ کي ون يونٽ جي خلاف تحريڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، نديم اختر جيل جون ساروڻيون بيان ڪندي چوي ٿو، “اسان کي چئن ڪمرن واري هڪ بيئرڪ ۾ رکيو ويو. هيءَ اُها کي بيئرڪ هُئي جنهن ۾ نام نهاد پنڊي سازش ڪيس جي ملزمن سجاد ظهير ۽ فيض احمد فيض کي قيد رکيو ويو هو. حيدرآباد جيل ۾ غلام محمد لغاري، رسول بخش پليجو، يوسف ٽالپر، مسعود نوراني، راجا عبدالقادر ۽ اقبال ترين شامل هو.