سنڌ خاص طور تي لاڙ جي آبادگارن، زميندارن، ھارين نارين دانھن ڪرڻ شروع ڪئي آھي تھ کين فصل جو مناسب اگهھ نھ ملي رھيو آھي،جنھن ڪري اھي ڳڻتي ۾ ورتل آھن.ڪجھھ ڏينھن اڳ جڏھن ٽماٽو لٿو ھو تھ بدين سميت لاڙ جي سامونڊي پٽي جي زراعت سان لاڳاپيل زميندارن دانھن ڪئي ھئي تھ کين مناسب اگهه نھ پيو ملي،ساڳي قسم جي دانھن ڀاڄي،بڪر جي پوک وارن علائقن مان اچي رھي آھي.ساڪري،ڳاڙھي سميت سامونڊي پٽي جي علائقي توڙي ٻين ھنڌن جي آبادگارن جو چوڻ آھي تھ واپاري اگهه ماري فصل خريد ڪري رھيا آھن،نھ رڳو ايترو پر حيدرآباد ۽ ڪراچي جي سبزي منڊين بھ کين مناسب اگهه نھ پيو ملي.
جن فصلن يا ڀاڄين جو ذڪر ڪيو پيو وڃي انھن ۾ گھڻو ڪري ڀاڄي بڪر آھي،جنھن ۾ مرچ،مٽر،گوبي ۽ ٽماٽو شامل آھن.ھن وقت تائين جي آيل خبرن موجب آبادگار ھن وقت جيڪو بھ شيءَ پوکين ٿا ان تي ھر سال في ايڪڙ پئداوار وڌيڪ خرچ ٿئي ٿو،جنھن ۾ زمين جي تياري،ٻج،ڀاڻ، زرعي دوائون ،پاڻي سميت انھن فصلن کي لاھڻ يا وري انھن جي چونڊ واري مد ۾ جيترو خرچ اچي ٿو، ان جي ڀيٽ ۾ پوکي ڪندڙن کي پنھنجو خرچ پڻ ڳچيءَ ۾ پئجي ٿو وڃي.ساڳي ريت سنڌ جي مختلف حصن مان اھي خبرون بھ اچي رھيون آھن تھ ڪڻڪ لاءِ بھ لاڳاپيل ڌريون حڪومت کي اپيل ڪري رھيون آھن تھ ڪڻڪ جو في مڻ اگهه گھٽ ۾ گھٽ 4 ھزار رپيا مقرر ڪيو وڃي.
ڏٺو وڃي تھ سنڌ ھڪ زرعي صوبو آھي.جنھن جو گھڻو دارومدار زراعت تي آھي. ان ھوندي بھ حڪومت زراعت بابت ڪا اھڙي سگھاري پاليسي نھ جوڙي سگھي آھي جنھن سان زراعت کي مضبوط ڪري سگھجي.ھارين،نارين،آبادگارن ۽ ننڍن زميندارن کي اھڙي ڪا اسڪيم ڏئي سگھجي جنھن سان اھي پاڻڀرا ٿي سگھن.
اھا عجيب ڳالھھ آھي تھ ھر ڀيري مختلف فصلن جي جوڳي اگهن جي لاءِ زراعت سان لاڳاپيل ڌرين کي رڙيون ڪرڻيون پون ٿيون، ان ھوندي بھ حڪومت ان تي بروقت ڌيان نھ ٿي ڏئي يا ڪا جٽادار پاليسي نٿي جوڙي جنھن سان اھو مسئلو مستقل طور حل ٿي وڃي.ھر سال ڪمند ۽ ڪڻڪ جي اگههن لاءِ تھ ائين ئي ٿيندو آھي.
سنڌ ۾ زراعت جا شعبا بھ آھن،جيڪي مختلف ڪم سرانجام ڏين ٿا، تڏھن بھ پاڻي، ڪمند جي اگهه ۽ ڪڻڪ جي خريداري بابت ھر سال تڪرار ٿين ٿا.جنھن مان حڪومت ۽ زراعت سان لاڳاپيل شعبي ۾ وڏي وڇوٽي جي نشاندھي ٿئي ٿي.وقت جي حڪومت کي انھن مسئلن ڏانھن مناسب ڌيان ڏئي انھن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آھي.سنڌ جي زراعت سان لاڳاپيل ماڻھن کي پڻ جديد دور جي لحاظ سان پوکي راھي توڙي ان جي وڪري ۽ ان کي محفوظ ڪرڻ لاءِ جديد گھرج تي ڪم ڪرڻ گھرجي جئين انھن جو گھٽ کان گھٽ نقصان ٿي سگھي.
ھئڻ تھ ائين گھرجي تھ ھن وقت حڪومت کي مختلف فصلن جي مد ۾ آبادگارن سان گڏجي انھن کي اسٽوريج ڪرڻ ۽ ان کي مارڪيٽ تائين پھچائڻ جي لاءِ مدد فراھم ڪرڻ گھرجي.جنھن سان سنڌ جي ھڪ وڏي شعبي کي پاڻڀرو ۽ اڳڀرو ڪري سگھجي ٿو.پر تاحال سرڪار ھن اھم شعبي ڏانھن ڌيان ڏيڻ جي زحمت نھ ڪئي آھي.سنڌ جي آبادگار جو ھڪ مسئلو پوکي ڪندڙ ۽ خريد ڪندڙ وچ ۾ ان واپاري جي چالاڪي جو بھ آھي،جنھن وٽ ھاري،ننڍا زميندار ۽ آبادگار مجبور آھن،نھ رڳو ايترو پر منڊين ۾ پڻ مڊل مين يا آڙتي ئي اھا ڌر آھي جيڪا انھن کي ڦري ۽ لٽي ٿي.
اھا ھڪ مڃيل حقيقت آھي تھ سنڌ جي آبادي جو وڏو حصو زراعت سان واڳيل آھي.صوبي جي معيشيت،خوشحالي،عام ماڻھو جي خوشين ۽ غمن جو تعلق پڻ زراعت جي ڦيرگھير سان ئي رھندو اچي ٿو.ڪجھھ وقت کان موسمي تبديلي سبب فصل پوکي ۽ ان جي لھڻ جو وقت تبديل ٿي ويو آھي.جنھن بابت سنڌ جي ھاري ناري کي بھتر ۽ وقتي معلومات تھ نٿي ملي پر حڪومت طرفان جوڙيل زراعت کاتي مان سنڌ جي عام ھاري،آبادگار ۽ ننڊي زميندار کي فائدي بدران سدائين نقصان ئي رسندو آيو آھي. ڪڻڪ جو فصل بھ لھي رھيو آھي.جنھن بابت ھر ڀيري آبادگار ھر ڀيري دانھن ڪندا آھن تھ خوراڪ کاتي جو عملو سياسي ماڻھن،وڏن زميندارن ۽ بااثرن کي بارڊاڻو ڏيندو آھي.جڏھن تھ عام ھارين کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويندو آھي.خوراڪ کاتو سفارش تي بارداڻو ڏيندو آھي،وڏن واپارين جي ھڪ ھٽي ھئڻ ڪري ننڊن زميندران کي ليکي ۾ ئي نھ آندو ويندو آھي.جنھن ڪري ھنن کي مجبور ڪري سستي اگههن تي ڪڻڪ خريد ڪئي ويندي آھي.
زراعت سان واڳيل ماڻھن جو چوڻ آھي تھ ھن دور ۾ ھر فصل جي پوکائي، ان تي ھاري جي محنت،ڀاڻ ۽ زرعي دوائن سان ھر فصل في ايڪڙ پئداوار تي لاڳت وڌيڪ اچڻ ڪري ھاري کي نقصان ٿي رھيو آھي، مٿان وري ڪڻڪ جي خريداري ۾ سياسي مداخلت،واپارين جي ھڪ ھٽي ۽ بااثرن جي سفارش آبادگارن جو معاشي قتل ھوندو آھي.
سنڌ ۾ ھڪ مڪمل سياسي انتظام آھي، حڪومت بھ وجود رکي ٿي. ان جو زراعت سان واڳيل کاتو بھ ڪم ڪري پيو، ان ھوندي ماڻھن جو شڪايتون اينديون رھن ٿيون ۽ ان جو ڪنھن بھ سطح تي ڪو تدارڪ نٿو ڪيو وڃي.جنھن سان عوام م چڙ ۽ ڪاوڙ جي جذبي ۾ اضافو ٿيندو رھي ٿو.نيم وڏيرڪي سرشتي واري سماج ۾ ھن وقت بھ جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو حال ھئڻ ڪري سنڌ ۾ ھاري،ننڊا زميندار ۽ آبادگار زمين سان تعلق رکندڙ مسئلن سبب ورھين تائين ڦاٿل ھوندا آھن، ان سان گڏوگڏ اھي پاڻي کي محروم رھن ٿا. انھن کي ڀاڻ ۽ زرعي دوائون بھ مھانگيون ملن ٿيون، ھر قسم جي فصل پوکڻ وقت اھي سمورا مسئلا سامھون اچن ٿا ۽ حڪومت جا متعلق کاتا عوام جي انھن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپي نٿا رکن.جنھن ڪري زراعت سان سلھاڙيل اھو طبقو ڳڻتي واري حالت ۾ گھاري ٿو.حڪومت کي گھرجي تھ ھارين،آبادگارن ۽ ننڊن زميندران جي مسئلن کي اوليت ڏيندي حل ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي. ھارين سان ٿيندڙ زيادتيءَ جي ازالي لاءِ تڪڙا قدم کڻي، منجھن پئدا ٿيل بي چييني ختم ڪري.