سنڌ ۾ سياستدانن جون گرفتاريون، انتقامي سياست جو حصو آهن ؟

تحرير:     علي ٿهيم

پاڪستاني سياست جو ماضي ڪجهه چڱو نه رهيو آهي . سياستدانن پاران هڪ ٻئي خلاف انتقامي ڪاروائيون ڪري هڪ ٻئي کي هيسائڻ وارو عمل ماضي ۾ به هو ته اهو سلسلو اڄ به جاري آهي . حڪومتي ڌرين پاران مخالفن کي چٿڻ لاءِ ڪيس ڪرڻ . سندن زمينن جو پاڻي بند ڪرڻ . مطلب هر طرح سان سندن لاءِ زمين تنگ ڪئي ويندي هئي يا آهي . جيڪو پاور ۾ ايندو آهي ان جي ڪنڌ ۾ ڄڻ ڪلي لڳي ويندي آهي ڇوته حڪمرانن جي صرف اشاري جي دير هوندي آهي سندن هڪ اشاري سان خوشامدي پوليس اصل مخالفن تي ٽٽي پوندي آهي . هن وقت سنڌ جي صورتحال ۽ مخالفن خلاف وٺ پڪڙ سندن خلاف ڪيس داخل ڪري کين جيلن جون ياترائون ڪرائڻ به ماضي جو تسلسل آهي .

سنڌ ۾ اڳوڻي وزيراعظم غلام مرتضيٰ جتوئي جي فرزند ايم اين اي غلام مرتضا جتوئي کي گرفتار ڪري سندس خلاف جيڪي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن يقين ڪريو انهن ڪيسن تي کل ٿي اچي مسئلن هڪ ڪيس موٽرسائيڪل چوري ۽ ڦر جو داخل ڪيو ويو آهي . اهو ته هر ذي شعور ماڻهو سمجهي ٿو ته غلام مرتضيٰ جتوئي نه موٽر  ڦر يا روڪ رقم ڦري آهي يقينن اهو ڪيس انتقامي ڪاروائي ئي آهي . ماضي ۾ سيد قائم علي شاھ خلاف مينھن چوري جو ڪيس داخل ٿيو هو . راڻا ثناءَ الله خلاف هيروئن جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو . اهڙي طرح ملڪ ۾ ڪئي سياسي ڌرين خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ٿيا انھن ۾ آصف علي زرداري سڀني کان وڏو متاثر آهي . انھن سميت ڪئي سياستدانن خلاف اهڙي قسم جا کل جوڳا ڪيس داخل ڪري کين جيل موڪليو ويو هو . هتي پوليس حڪمرانن جي در جي غلام بڻيل رهندي آئي آهي . ان غلامي جي ڪري عام ماڻهو پوليس تي بالڪل اعتماد نٿو ڪري . غلام مرتضيٰ جتوئي کان سوائي حرن جي روحاني پيشوا پير صاحب پاڳارو جي فرزند پير عثمان شاھ مٿان ڪراچي جي مختلف ٿاڻن تي ھڪ ئي ڏينھن ۾ 2 ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون . اهو ته پير عثمان شاھ ضمانتون ڪرائي ورتيون ورنا هو به غلام مرتضا جتوئي جيان جيل ۾ هجن ها . انھن کان اڳ رئيس وڏي جي گهاٽي دوست اسماعيل ڏاهري کي مختلف الزامن ۾ گرفتار ڪيو ويو جيڪو اڃا تائين گرفتار آهي . اسماعيل ڏاهري کي به مختلف ڪيسن ۾ اندر ڪيو ويو آهي . هر دور ۾ مخالفن کي ڪچلڻ ڪوڙا ڪيس داخل ڪري حراسان ڪرڻ سياسي وفاداريون مٽائڻ سياستدانن لاءِ فرض بڻيل آهي . اهڙن ظلم ذيادتين کي ختم ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جون حڪومتون نه ڊاهڻ سميت ٻين معامرن مان جان ڇڏائڻ لاءِ سي او ڊي سائن ڪئي هئي . پر افسوس اڄ سي او ڊي تي ڪوبه عمل نه پيو ٿئي مخالفن خلاف انتقامي ڪاروائيون اڄ به جاري آهن .

اسان وٽ پوليس خودمختيارهجي هاته به اهڙي قسم جا ڪيس داخل نه ٿين ها . هر حڪومت اعلان ڪندي آهي ته پوليس کي خودمختيار ڪنداسون پر اهي ڳالهيون صرف اعلانن تائين محدود رهيون آهن . حڪومتن ۾ ايندڙ پارٽيون پوليس کي ڪڏهن به خودمختيارنه ڪنديون ڇوته پوليس کي مخالفن کي ڪچلڻ لاءِ استعمال ڪيو ٿو وڃي . پوليس آزاد دجي ها ته غلام مرتضا جتوئي . پير عثمان شاھ . اسماعيل ڏاهري ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل نه ٿين ها . دنيا جي جن به ملڪن ۾ پوليس با اختيار آهي انھن ملڪن ۾ اهڙين انتقامي ڪارروائين جو تصوربه ڪونهي . پر هتي وڏن ماڻهن چونڊيل نمائندن خلاف موٽرسائيڪل ڦر . مينھن چوري توڙي ٻين کل جوڳن ڪيسن ذريعي کين گرفتار ڪري انتقامي ڪاروائين جو نشانو بڻايو ٿو وڃي . وقت سدائين هڪ جهڙو نه ھوندو آھي ڪڏهن ڏينھن وڏا ته ڪڏهن راتيون وڏيون هونديون آهن . پ پ پ وارا اهڙن انتقامن جو سدائين نشانو بڻبا آهن گهٽ مان گهٽ انھن جي دور ۾ ڪو سياسي قيدي نه هئڻ گهرجي . پ پ پ جيڪا صرف سنڌ تائين اچي محدود ٿي آهي سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪينال منظور ڪرڻ واري معاملي تي سنڌ جو عوام پ پ پ مٿان ڪاوڙيل آهي ڪٿي ائين نه ٿئي جو ايندڙ عام چونڊن ۾ پ پ پ کان سنڌ به نه ھلي وڃي . ان ڪري پ پ پ جي سنڌ حڪومت کي گهرجي ته مخالف ڌر جي سياستدانن خلاف ڪيس ڪرڻ کين جيلن ۾ واڙڻ واري سلسلي کي ختم ڪري جيئن سنڌ مان انتقامي سياست جو خاتمو ٿئي .

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.