چين پاڪستان اقتصادي راهداري

تحرير: رياض ابڙو 

هاڻي سي پيڪ منصوبو گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ۽ ان جي ڪيترن ئي منصوبن ۾ پڻ دير ٿي رهي آهي، يا انهن کي مڪمل طور تي روڪيو پيو وڃي، ساڳي جاءِ تي چيني سيڙپڪار پاڪستان ۾ نون منصوبن جي مالي مدد ڪرڻ کان به لنوائي رهيا آهن. حقيقت ۾ حڪومت هڪ غيرمعمولي قرضن جي دٻاءُ ۾ ٻڏل آهي ۽ مالي ڊيفالٽ جي ڪناري تي پهتل آهي. ان کان علاوه چين 6 ارب آمريڪي ڊالر جي بيل آئوٽ پيڪيج پروگرام جي بحالي لاءِ بين الاقوامي مالي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي سخت شرطن کان به خوش ناهي، جيڪي پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن کي وڌائي سگهن ٿا ۽ چيني قرضن جي جاچ ڪري سگهن ٿا. آءِ ايم ايف جي ڊيٽا موجب چين پاڪستان جي ڪل 126 ارب آمريڪي ڊالر جي پرڏيهي قرضن مان تقريبن 30 ارب آمريڪي ڊالرن جو حصو رکي ٿو. دير سان ٿيندڙ منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۽ نوان منصوبا شروع ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ڪرڻ جي باوجود پاڪستان جي جدوجهد ڪندڙ معيشت ۽ نئين مالي مدد فراهم ڪرڻ ۾ چين جي ظاهري طور تي بيچيني جي ڪري سي پيڪ جو مستقبل تاريڪ نظر اچي ٿو. سي پيڪ 2013 ۾ 62 ارب آمريڪي ڊالر جي شروعاتي بجيٽ سان شروع ڪيو ويو هيو. جڏهن ته گذريل ڏهاڪي دوران چين سمجهي ٿو ته پاڪستاني رياست جي بيوروڪريٽڪ ڪرپشن، اندروني بي چين سياست، بلوچستان ۽ سنڌ صوبن ۾ وڌندڙ سيڪيورٽي جي خطرن جي ڪري سي پيڪ منصوبن ۾ دير ٿي رهي آهي، ان جي ڪري چين پاڪستان کي فنڊن جو مسلسل وهڪرو فراهم ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو آهي. نتيجي طور پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان دوستي هاڻي وڏي دٻاءَ هيٺ آهي.

سي پيڪ منصوبن ۾ باقاعده دير ۽ نتيجي ۾ چيني سيڙپڪارن کي مالي نقصان چين جي سيڙپڪاري جي لاءِ سٺو ناهي. گوادر پورٽ جنهن کي سي پيڪ جو تاج سمجهيو وڃي ٿو، پر هڪ ڏهاڪي کانپوءِ به مڪمل طور تي ڪم ناهي ڪري سگهيو. ساڳئي طرح گوادر ۾ چيني مزدور ۽ سي پيڪ سان لاڳاپيل سرگرميون مقامي بلوچ آباديءَ ۾ انتهائي غيرمقبول ٿي ويون آهن. گذريل ٻن سالن ۾ علائقي ۾ وڌندڙ چيني عملي جي موجودگي جي جواب ۾ ڪيترائي پرتشدد روڊ احتجاج پڻ ٿيا آهن. چيني ڪمپنيون کڻي رياستي ملڪيت هجن يا خانگي، يا ڪنهن ڪاروبار وانگي منافعي بخش هجن. چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي باوجود سي پيڪ منصوبن سان لاڳاپيل مالي نقصانن کي منظم ڪرڻ جي حوالي سان بيجنگ جون ڪجهه حدون آهن. ڪيترائي تجزيه نگار دليل ڏين ٿا ته سي پيڪ جو بنياد بنيادي طور تي غلط هيو، اهو فرض ڪندي ته انفراسٽرڪچر – جهڙوڪ روڊ، رستا، پليون ۽ بجلي صرف پاڪستان ۾ ترقي ۽ روزگار پيدا ڪندا. اهو قابل ذڪر آهي ته پاڪستاني انجنيئرن کي ڄاڻي ٻجهي سي پيڪ جي وڏن منصوبن جي ڊيزائن ۽ ساخت کان پري رکيو ويو آهي، جيڪو پاڪستانين لاءِ سکڻ جو موقعو ٿي سگهي ٿو، پر اهو هڪ طرفو معاملو بڻجي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته چين پنهنجي سامراجي رجحانن جي پيروي ڪندي پنهنجي گهريلو افرادي قوت کي پاڪستان موڪليو. سڀ کان اهم ڳالهه اها به آهي ته چين پاڪستان کي پنهنجي مالي قرضن تي مڪمل شفافيت جي اجازت ناهي ڏني، ڇاڪاڻ ته سي پيڪ قرضن جي شرطن ۽ ضابطن تي ڪو به اوپن سورس ڊيٽا موجود ناهي. عالمي مالي ادارو جهڙوڪ آءِ ايم ايف ۽ ملڪ جهڙوڪ آمريڪا پاڪستان تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪئي آهي. پر چين پاڪستاني حڪومت کي انتباھ ڪيو آهي ته هو هن معاملي تي خاموش رهي ڇو ته اهو پاڪستان اندر سي پيڪ جي خلاف سخت مخالفت پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ ان جي مستقبل کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿو.

اپريل 2022 ۾ شهباز شريف جڏهن ملڪ جي نئين وزيراعظم طور عهدو سنڀاليو هيو ته پاڪستان جي معيشت ۾ چين جي تعاون جي تعريف ڪئي ۽ صدر شي جن پنگ جو شڪريو ادا ڪيو هيو ۽ هن منصوبي کي ملڪ لاءِ هڪ گيم چينجر سڏيو هيو. دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته نومبر ۾ شهبازشريف ان ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ لاءِ چين جو دورو ڪيو (۽ هاڻي زرداري صاحب) جن سي پيڪ جي بحاليءَ لاءِ دٻاءُ وڌو. سي پيڪ جي سست رفتاري لاءِ اڳوڻين حڪومتن تي الزام لڳائڻ کانسواءِ شهبازشريف ۽ سندس وزيرن ڪيترن ئي رڪجي ويل منصوبن تي ڪم ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ ڪو به قدم نه کنئيو آهي. پاڪستان جي خراب معاشي صورتحال کي ڏسندي اهو ممڪن نظر نٿو اچي ته سي پيڪ جا منصوبا وقت تي مڪمل ٿين ۽ هن وڏي پيماني جي ناڪامي پوري چين جي ”بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو“ کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي.

چين پهريون ڀيرو مئي 2013 ۾ ڪوريڊور منصوبي جي تجويز پيش ڪئي هئي. چيني صدر شي جن پنگ پوءِ اپريل 2015 ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ پنهنجن لاڳاپن کي سدابهار سمجهي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ تائين وڌايو ۽ اتفاق پڻ ڪيو. ”شي جنگ پن“ جي دوري دوران ٻنهي ملڪن 46 ارب ڊالر جي اندازي مطابق قيمت تي 51 معاهدن تي صحيون ڪيون هيون. پر سي پيڪ هاڻي عملدرآمد جي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي. 6 مئي 2016 تي پاڪستان جي صوبي سنڌ جي شهر سکر ۾ هڪ افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي هئي، جڏهن سکر ۽ ملتان شهر جي وچ ۾ هاءِ وي جي هڪ حصي تي تعمير شروع ٿي هئي، اهو هاءِ ويز جي هڪ نيٽ ورڪ جو حصو هيو، جيڪو پشاور ۽ ڪراچي شهرن کي ڳنڍيندو. هي نيٽ ورڪ سي پيڪ جي انفراسٽرڪچر جي توسيع جي منصوبن جو هڪ اهم جز قرار ڏنو ويو هيو، جيڪو ٻنهي قومن جي ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ حاصل ڪيل ترقي کي اجاگر ڪري ٿو. ان کان علاوه 13 نومبر 2016 تي چيني سامان جي پهرين وڏي شپمينٽ گوادر جي بندرگاھ ذريعي آندي وئي هئي، جنهن سان هڪ اميد اڀري آئي هئي ته هي پروجيڪٽ پاڪستاني عوام جي لاءِ ۽ خاص بلوچ قوم جي لاءِ وڏي ڳالهه ثابت ٿيندو، پر ٿيو ڪجهه به نه، تنهن هوندي به چين انهن ترقياتي قدمن کي ٻنهي ملڪن لاءِ استحڪام ۽ خوشحالي جو هڪ امڪاني ذريعو سمجهي ٿو. چيني نقطه نظر کان سيڪيورٽي ۽ اقتصاديات جي شعبن ۾ تعاون هڪجهڙائي سان ڳنڍيل آهن ۽ هڪ پاسي جي بهتري ٻئي کي بهتر بڻائي سگهي ٿي. اهو تقريبن ائين آهي جيئن سيڪيورٽي ۽ معيشت هڪ ئي گاڏي تي ٻه الڳ الڳ ڦيٿا هجن، ۽ ٻنهي کي شين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گھمڻ جي ضرورت پئي ٿي. چين جو خيال آهي ته اقتصادي ترقي پاڪستان جي اندروني استحڪام کي مضبوط ڪري سگهي ٿي، اهڙي طرح انفراسٽرڪچر منصوبن ۾ سيڙپڪاري سان گڏ تيل ۽ گئس پائيپ لائينن جي تعمير ذريعي ايندڙ معيشت کي ٻيهر مضبوط ڪري سگهي ٿي.

مڃون ٿا ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري ٻنهي قومن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط ڪري رهيو آهي، پر منصوبي کي ڪيترن ئي سيڪيورٽي ۽ سياسي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. روايتي طور تي چين ـ پاڪستان اسٽريٽجڪ ۽ سياسي سطحن تي گهڻو تعاون ڪيو آهي. هاڻي ٻئي قومون اقتصادي طور تي پنهنجن ٻه طرفي تعاونن کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي تعمير هڪ سنگ ميل آهي، جيڪا هڪ تبديليءَ جي نشاندهي ڪري ٿي. ان جي بنياد تي سي پيڪ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي رابطن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ توانائي، هاءِ وي ۽ بندرگاھ جي بنيادي ڍانچي جي تعمير لاءِ هڪ وڏي پيماني تي شروعات آهي. هن شروعات کي ٻنهي ملڪن ۾ چڱي طرح قبول ڪيو ويو آهي، جيتوڻيڪ اهو مسئلن کان خالي ناهي. تنهن هوندي به چين ۽ پاڪستان سي پيڪ کي پنهنجي لاڳاپيل قومي ترقياتي حڪمت عملين جي وچ ۾ امڪاني هم آهنگي جو هڪ نئون ذريعو سمجهن ٿا، جيڪو ٻنهي ملڪن کي پنهنجي ويجهي سياسي تعاون کي گهڻ رخي اقتصادي تعاون ۾ تبديل ڪرڻ، گڏيل فائدا حاصل ڪرڻ ۽ ڪاميابي جا نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. اقتصادي راهداري کي پنهنجي صلاحيت تائين پهچڻ لاءِ پاڪستان ۾ سيڪيورٽي ۽ سياسي چئلينجز آهن، جن کي حل ڪرڻ گهرجي.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.