امڪاني ڏڪار کي منهن ڏيڻ لاءِ حقيقت پسند رٿابندي جي گھرج

تحرير: نصير ميمڻ

نون ڪينالن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ واڌو پاڻيءَ جي مفروضي تي گرما گرم بحث  دوران پاڪستان جي موسمياتي کاتي پاران موسمياتي  سوڪھڙي بابت  جاري ڪيل خبرداري ڳڻتي واري ڳالھھ آهي. ڏڪار جي ايڊوائزري  11 ۾ چيو ويو آهي ته ”ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ ڏڪار جون حالتون پيدا ٿي رهيون آهن“۽ اها ايڊوائزري 21 جنوري تي پاڪستان جي موسمياتي کاتي جاري ڪئي آھي. جنھن ۾ اھو پڻ ڄاڻايو  ويو آهي ته پهرين سيپٽمبر 2024 کان 15 جنوري 2025 تائين جي عرصي ۾ پاڪستان ۾  معمول کان سراسري طور تي 40 سيڪڙو گهٽ برسات وٺي آھي.ان ۾ خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته سنڌ (-52 سيڪڙو)، بلوچستان (-45 سيڪڙو) ۽ پنجاب (-42 سيڪڙو) ۾ ناڪافي برسات وٺي.

موسمياتي سوڪھڙو  غير معمولي طور تي خشڪ موسم جي خاصيت هوندي آهي، جيڪا ڪنهن به علائقي ۾ پاڻي جي موجودگيءَ  بابت سنگين بگاڙ جو سبب بڻجندي آهي. سنڌ ۾ 13 ضلعا، پنجاب ۾ 14 ۽ بلوچستان ۾ نوَ ضلعا ان صورتحال کي منھن ڏئي رھيا آهن.

برسات بابت مختلف تازي معلومات خريف جي موسم جي شروعات ۾ پاڻي جي  ھئڻ لاءِ خراب صورتحال جو نقشو چٽي ٿي. ڊسمبر ۽ جنوري ۾ برسات خطرناڪ حد تائين  معمول کان گهٽ هئي. ان عرصي دوران سنڌ ۽ پنجاب  ترتيبوار معمول کان 97 سيڪڙو ۽ 89 سيڪڙو گهٽ برسات پئي. گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي اترين علائقن ۾ معمول کان ترتيبوار 38 سيڪڙو ۽ 72 سيڪڙو گهٽ برسات وٺي. ايندڙ ٻن مهينن ۾ موسم وڌيڪ مثبت رخ نه وٺندي، جيستائين پاڻي جو توازن واضح طور تي  ڏکئي  دور ڏانهن وڌي رهيو آهي.

تنھنڪري موسم جي اڳڪٿي ڪندڙ ماھر تجويز ڪن ٿا ته جاري ڏڪار  واريون حالتون وڌيڪ سخت ٿيڻ جو امڪان آهي ڇاڪاڻ ته ايندڙ هفتن ۾ برسات جي  ڪا خاص  توقع ناهي.پاڪستان جي موسميات کاتي خطرناڪ طور چتاءَ ڏنو آهي ته هن مند جي ٻئي  اڌ (يعني جنوري کان مارچ) بھ  خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جيڪو هلڪي ڏڪار جي  حالت کي وچٿري ڏڪار جي حالت واري  سطح تائين وڌائي سگهي ٿو. فيبروري جي آخري اڌ ۾ ملڪ جي مٿين علائقن ۾ ڪجهه مينهن ۽ برفباري  ٿي، پر ڏڪار جو خطرو اڃا تائين ٽري  نه سگهيو آهي.

سياري جي برفباري سنڌو ۽ جهلم جي ڪيچمينٽ ۾ اونهاري جي وهڪري جو هڪ وڏو ذريعو آهي.تاحال  برفباري سالياني سراسري کان گهٽ رهي آهي. پاڪستان موسميات کاتي جا انگ اکر ظاھر ڪن ٿا ته آڪٽوبر کان فيبروري جي پهرين هفتي تائين صرف 33 سينٽي ميٽر برفباري رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته آڪٽوبر کان مارچ تائين سالياني سراسري 126.2 سينٽي ميٽربرفباري وسندي  هئي. گذريل ٻن ڏهاڪن (2004-05 کان 2024-25) جي برفباري جي نموني مان ظاهر ٿئي ٿو ته برفباري 11 سالن تائين سالياني سراسري کان گهٽ پئي. ملٽي ڊسيپلينري ڊجيٽل پبلشنگ انسٽيٽيوٽ پاران شايع ٿيل سائمن گيسڪوئن پاران لکيل هڪ تحقيقي مقالو، سنو ميلٽ اينڊ سنو سبليميشن ان دي انڊس بيسن، نوٽ ڪري ٿو ته اپر انڊس بيسن ۾ برف پگھرڻ 2001-2014 دوران سالياني وهڪري جو 74 سيڪڙو حصو ڏنو. ٻين عنصرن پاران 23 سيڪڙو برسات ۽ 3 سيڪڙو برف پگھري. تنهن ڪري، انهن مهينن دوران برفباري ۽ برسات ۾ گهٽتائي گرمين جي مهينن دوران سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري تي ناڪاري اثر وجهندا.

ڏڪار جون حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ جو امڪان آهي.تربيلا ڊيم ۾ ذخيرو ٿيل پاڻي هن وقت ربيع مند جي فصل پوکڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. ڊيم مان پاڻي جو نيڪال  45,000 ڪيوسڪ هو، جڏهن ته فيبروري جي ٽئين هفتي ۾ پاڻي جي آمد 13,000 ڪيوسڪ هئي. آمد ۽ نيڪال  ٿيڻ ۾ اھڙي عدم توازن جي ڪري، تربيلا جي سطح هڪ هفتي ۾ چار ميٽر گهٽجي وئي. جيڪڏهن ڪيچمينٽ ايريا ۾ ڪا خاص برسات نه پئي ته اپريل ۾ پاڻي جي کوٽ جو امڪان موجود  آهي جڏهن سنڌ بئراجن کي 40,000 ڪيوسڪ کان وڌيڪ وهڪري جي ضرورت پوندي. مئي ۾ سنڌ جي پاڻي جي گهرج وڌي 77,000 ڪيوسڪ ٿي ويندي. مٿئين سنڌ ۾ برف پگھرڻ سان تربيلا جي پاڻي جي سطح مٿي ٿيڻ ۾ مدد ملندي آهي. جيڪڏهن مارچ ۽ اپريل ۾ جابلو علائقن ۾ برفباري جا ڪجهه ڀرپور وسڪارا نه پيا ته مئي کان پوءِ تربيلا ۾ پاڻي ذخيري تي دٻاءُ پوندو. سياري جي دير سان اچڻ  برف پگھرڻ ۾ به دير ٿيندي آهي. ان  عمل سان سنڌ خريف جي شروع جي موسم ۾ فصل پوکڻ لاءِ گهربل پاڻي کان محروم ٿي سگهي ٿي.

مجموعي طور تي  2010 ۽ 2022 جي ٻن ٻوڏن کان سواءِ هن صديءَ جي پهرين ٽه ماهي دوران سنڌو درياهه ۽ ان جي ڏن ڀرو ندين ۾ پاڻي جي موجودگيءَ  ۾ گهٽتائي جو لاڙو ر رهيو آهي. وهڪري جي انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو 2000۽ 2001 کان 2022 ۽ 2023  جي عرصي دوران، 10 سال اهڙا هئا جڏهن پاڻي جو  اخراج 8 ملين 6 فوٽ کان گهٽ هو. ڪڏھن تھ عالمي ماهرن پاران تجويز ڪيل گھٽ ۾ گھٽ وهڪري ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سراسري سالياني وهڪرو 1976-1998 دوران 40.69 MAF کان گهٽجي 1999-2022 دوران 14 MAF ٿي ويو آهي. هي انگ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺان اضافي وهڪري جي اڪثر دعويٰ ڪيل مقدار کي به رد ڪري ٿو ته جيئن سنڌو طاس ۾ نوان ذخيرا ۽ واهن کي جائز قرار ڏئي سگهجي.

عالمي بينڪ جي رپورٽ ”پاڪستان جي پاڻي  معيشت: هلندڙ ڏڪار“ هڪ خوفناڪ تصوير پيش ڪري ٿي، جنهن ۾ اھو چيو ويو آهي ته گليشيئر جي تيزيءَ سان  گھٽجڻ جي ڪري، سنڌو طاس ايندڙ ڏهاڪن ۾ پنهنجي وهڪري ۾ 30 سيڪڙو کان 40 سيڪڙو جي سخت کوٽ جو شڪار ٿي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته برفاني ذخيرا ختم ٿي رهيا آهن. تجرباتي ثبوت تيزي سان گهٽجندڙ پاڻي جي وهڪري جي ذميواراڻي استعمال لاءِ وڌيڪ عقلي رٿابندي جي ضرورت آهي. نوان ڪمانڊ ايريا ٺاهڻ بدران، پاڻي جي پيداوار وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻ ئي  عقل واري ڳالهه هوندي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.