ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ ڪميٽيءَ سنڌ جي مڪاني ادارن جي سڀني لوڪل ڪائونسلن ۾ گهوسٽ ملازمن جي پيش نظر سڄي سنڌ جي لوڪل ڪائونسلن جي سڀني ملازمن جي تصديق ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته پي اي سيءَ حيدرآباد ڊويزن جي مختلف ٽائون ۽ ميونسپل ڪميٽين پاران منظوري ڏنل بجيٽ کان سواءِ 477 ملين روپيا واڌو خرچ ڪرڻ واري معاملي جي اينٽي ڪرپشن کي جاچ ڪري 3 مهينن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، جمعي ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار احمد کهڙو جي صدارت ۾ ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽيءَ جي ميمبرن خرم ڪريم سومرو، مخدوم فخرالزمان سميت بلدياتي کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ حيدرآباد ڊويزن جي مختلف ٽائون ۽ ميونسپل ڪميٽين جي ٽائون آفيسرن ۽ چيف ميونسپل آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ٽائون ڪميٽي سن سميت حيدرآباد ڊويزن جي مختلف ٽائون ڪميٽين پاران مختلف ڪمن جي مد ۾ 4 لک 90 هزار روپين جي 200 کان وڌيڪ ڪوٽيشن جي ذريعي 252 ملين روپيا خرچ ڪرڻ جو انڪشاف سامهون آيو ۽ آفيسر 252 ملين روپين جي خرچن جو آڊٽ رڪارڊ فراهم نه ڪري سگهيا جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو ڪاوڙ جو اظهار ڪندي بلديات کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کي معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، اجلاس ۾ ڄامشورو، پيارو لنڊ ۽ سن ٽائون ڪميٽي سميت ماتلي جي ميونسپل ڪميٽي پاران سال 19-2018ع ۾ منظور ٿيل بجيٽ کان سواءِ 477 ملين روپيا خرچ ڪرڻ جو انڪشاف سامهون آيو جنهن تي پي اي سيءَ 477 ملين روپين جي خرچن جو معاملو جاچ لاءِ اينٽي ڪرپشن کي موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، اجلاس ۾ ٽائون ڪميٽي پيارو لنڊ پاران 79 لک روپيه خرچ ڪرڻ جو سرڪاري رڪارڊ 2018ع ۾ پيارو لنڊ ٽائون ڪميٽي ۾ مقرر ٽائون چيئرمين پاران پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ جو به انڪشاف سامهون آيو جنهن تي سندس خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو، اجلاس ۾ حيدرآباد جي مختلف ٽائون ۽ ميونسپل ڪميٽين پاران صرف هڪ سال ۾ گاڏين جي پئٽرول ۽ مرمت تي 275 ملين روپيا خرچ ٿيڻ جو پڻ انڪشاف سامهون آيو جنهن تي پي اي سيءَ لاڳاپيل ڪميٽين جي آفيسرن کان لاگ بوڪ ۽ خرچن جا تفصيل گهري ورتا آهن، اجلاس ۾ ڪميٽيءَ جي ميمبر خرم ڪريم سومرو چيو ته سنڌ ۾ 1500 کان وڌيڪ يوسيز آهن ۽ هر يوسي کي 10 کان 12 لک روپيه ھر مھيني فنڊ ملي رهيو آهي پر ٻهراڙن وارن علائقن سميت شهرن ۾ پڻ صفائي سٿرائي نظر نه پئي اچي ۽ لوڪل ڪائونسلون ماڻهن کي بنيادي سهولتون پڻ فراهم نه ڪري سگهيون آهن ۽ ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻي سميت بنيادي سهولتن کان به محروم آهن ته پوءِ اِهي فنڊ ڪٿي پيا خرچ ٿين؟، پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو چيو ته سنڌ حڪومت سڄي سنڌ جي لوڪل ڪائونسلن کي 160 ارب روپين کان وڌيڪ جي بجيٽ فراهم ڪري رهي آهي ۽ جيڪڏهن اها بجيٽ بهتر طريقي سان عوام جي بهتريءَ تي خرچ ڪئي وڃي ته سنڌ جو نقشو ئي تبديل ٿي ويندو، لوڪل باڊيز جي ڪائونسلن ۾ گهوسٽ ملازمن جي آڙ ۾ پگهارون ڪڍيون پيون وڃن، اِهو عمل برداشت نه ڪيو ويندو، ان لاءِ سڄي سنڌ جي لوڪل ڪائونسلن جي ملازمن جي ٻيهر تصديق ڪرائي وڃي.