ارسا ۾ پنجاب جي ڏاڍ مڙسي، سال اڳ چولستان رٿا لاءِ پاڻي جي منظوري جو انڪشاف

ڪراچي(رپورٽ: خداڏنوشاھ)ارسا ۽ پنجاب جو سنڌ مٿان تاريخ جو وڏو حملو سمورا احتجاج نظرانداز ڪندي چولستان ڪئنال لاءِ 0.450 ملين ايڪڙ فوٽ ( چار لک 50 هزار ايڪڙ فوٽ) پاڻي جي منظوري ڏيئي ڇڏي,جڏهن ته سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ باوجود سنڌ سرڪار زبان کي تالو لڳائي ڇڏيو آهي. روزاني عوامي آواز کي سرڪاري ذريعن ۽ دستاويزن مان مليل معلومات موجب ارسا ۽ پنجاب پنهنجي هوڏ تي قائم رهندي عالمي,انساني حقن توڙي شرعي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي سنڌ مٿان تاريخ جو وڏو حملو ڪندي پنجاب جي چولستان ڪئنال لاءِ 0.450 ملين ايڪڙو فوٽ مجموعي طور ساڍا چار لک ايڪڙ فوٽ پاڻي جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي اهڙي منظوري ارسا جي اجلاس ۾ ڏني ويئي آهي جيڪو اجلاس 17هين جنوري 2024ع ۾ ٿيو هو ۽ ارسا اختيارين 25هين جنوري 2024ع تي ڳجھ ڳوھ ۾ هڪڙو ليٽر جاري ڪري پنجاب کي چولستان ڪئنال لاءِ پاڻي کڻڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو هو جنهن ۾ مئي کان سيپٽمبر  تائين سمورن ٽين ڊيليز لاءِ زيرو ڏهائي چار لک ايڪڙ فوٽ ( چار لک 50 هزار ايڪڙ فوٽ) پاڻي کڻڻ جو قانوني حقدار قرار ڏيئي ڇڏيو آهي. نگران سرڪار جي وقت ۾ ارسا غير قانوني غير شرعي توڙي عالمي قانونن جي لتاڙ ڪندي پنجاب کي چولستان ڪئنال لاءِ پاڻي کڻڻ جو حق ڏنو پر اهڙي سڄي منظوري ۽ چولستان ڪئنال کي پاڻي ڏيڻ واري سرٽيفڪيٽ کي هڪ سال تائين لڪائي رکيو ويو ان اجلاس ۾ ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي احسان لغاري رڳو اختلافي نوٽ لکيو پر هن سڄي اهم مسئلي تي سنڌ کي انڌيري ۾ رکيو ۽ چولستان ڪئنال لاءِ پاڻي جي ڏنل منظوري کي سنڌ جي اسٽيڪ هولڊرز اڳيان کڻي اچڻ بجائي خاموشي اختيار ڪئي,هواڏانهن ارسا ۾ سنڌ نمائندي احسان لغاري روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته ارسا اهڙو فيصلو 2024ع ۾ ڪيو هو ۽ مون ان فيصلي تي اختلافي نوٽ لکيو هو جيڪو ٻن صفحن تي مشتمل آهي هن چيو ته اسان ان فيصلي کي سي سي آءِ  ۾ چئلينج ڪيو آهي پر اڃان تائين سي سي آءِ ان بابت فيصلو ناهي ڏنو. سنڌ آبادگاربورڊ جي ترجمان اسلم نواز مري روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ لوئر رپيرين آهي عالمي قانون تحت پاڪستان جي سمورن دريائن تي پڇڙي وارن جو حق آهي ان جي باوجود سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻندي غيرقانوني طور تي ساڍا چار لک ايڪڙ فوٽ پاڻي جي منظوري ڏني ويئي آهي جنهن عمل سان آباد سنڌ تباھ ٿي ويندي هن چيو ته ارسا جي غيرقانوني فيصلي کي لڪايو ويو آهي جيڪا پڻ سنڌ سان ويساھ گهاتي آهي.

ارسا ختم ڪري نئين باڊي جوڙي صوبن کي ويٽو پاور ڏنو وڃي: سنڌ جا آبادگار

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي آبادگار تنظيمن، ارسا پاران چولستان منصوبي جي لاءِ 4 لک 50 هزار ايڪڙ فوٽ پاڻي جي منظوري ڏيڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ارسا جو وڌيڪ قائم رهڻ ڪنهن وڏي بحران جو سبب بڻجندو، ارسا کي ختم ڪري هڪ نئين باڊي ٺاهي وڃي، جنهن ۾ صوبن جي نمائندن کي ويٽو پاور هجن ته جيئن پاڻيءَ جي ڪنهن به مسئلي تي جيڪڏهن ڪنهن صوبي کي ڪو اعتراض هجي ته اهو اعتراض ختم ٿيڻ تائين ڪو فيصلو نه ٿي سگهي. ارسا پاران چولستان منصوبي جي لاءِ پاڻي جي منظوري بابت عوامي آواز سان ڳالهائيندي سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر محمود نواز شاهه چيو ته 6 ڪئنال به نڪرن پيا ۽ چولستان منصوبي جي لاءِ 4 لک ايڪڙ فوٽ کان وڌيڪ پاڻي جي منظوري به ڏني پئي وڃي، پر ارسا کي اهو به ٻڌائڻ گهرجي ته اهو وڌيڪ نئون پاڻي ايندو ڪٿان. سنڌ جو جر خراب آهي، منڇر زهريلو آهي، مٺا پاڻي ناهن رهيا. جيڪو جر جو پاڻي نڌ جا ماڻهو واپرائي رهيا آهن اهو پيئڻ لائق ناهي. هن چيو ته سي سي آءِ ۾ به چولستان ڪئنال جي منظوري ناهي ٿيل، هي جيڪو ڪجهه ڪن پيا اهو غير قانوني ۽ غير آئيني آهي. هن چيو ته پاڻي نه هجڻ باوجود چولستان کي آباد ڪرڻ جو مطلب وڌيڪ پاڻي جو استعمال ۽ کڻت آهي. سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير ٽالپر چيو ته ارسا ۾ پنجاب ۽ وفاق طاقتور ٿي ويٺو آهي. هو جيئن چاهين ٿا فيصلا ڪري ٿا ڇڏين، ارسا جو ڪردار ورهين کان تڪراري رهيو آهي، سنڌ جي پاڻي تي ارسا ڌاڙا هڻائي ٿو. هن چيو ته هن وقت منگلا ۽ تربيلا ۾ پاڻي ناهي، سسٽم ۾ پاڻي جي کوٽ ٻڌائي پئي وڃي. نارا ڪئنال جي پڇڙي تائين گذريل ٻن مهينن کان پاڻي ناهي پهتو.  ايوان زراعت سنڌ سينيئر نائب صدر نبي بخش سٺيو چيو ته ارسا ٻڌائي ته چولستان ڪئنال جي لاءِ 4 لک 50 هزار ايڪڙ فٽ پاڻي ڪٿان ايندو، ارسا پاڻ پنهنجي هڪ پريس رليز ۾ اهو چئي چڪي آهي ته خريف دوران ملڪ ۾ 40 سيڪڙو پاڻيءَ جي کوٽ هوندي. ان باوجود چولستان منصوبي جي لاءِ اڳواٽ ئي پاڻيءَ جي منظور ڏني وئي آهي. ارسا ڪمپنين جي لاءِ ڪم ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته اسان مطالبو ڪيون ٿا ته ارسا کي ختم ڪري هڪ نئين باڊي ٺاهي وڃي، جنهن ۾ صوبن جي نمائندن کي ويٽو پاور هجي ته جيئن پاڻيءَ جي مسئلي تي جيڪڏهن ڪنهن صوبي کي ڪو اعتراض هجي ته اهو اعتراض ختم ٿيڻ تائين ڪو فيصلو نه ٿي سگهي. سنڌ آبادگار بورڊ جي اطلاعات سيڪريٽري اسلم مري چيو ته ارسا اٿارٽي ناهي. ارسا کي اهو اختيار ناهي ته هو ڪا اين او سي جاري ڪري يا پاڻ مرادو پاڻيءَ جي ورڇ جو فيصلو ڪري منظوري ڏئي ڇڏي. هن چيو ته ٽي رخي فارمولي تحت هي سنڌ سان پاڻي جي ورڇ ۾ ناانصافي ڪن ٿا. ايندڙ وقت ۾ گڊو بئراج وٽ به پاڻي جي کوٽ هوندي. سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج تي ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي.

چناب درياءُ تي ٽي ڊيم ٺاهڻ جي رٿابندي

ڪراچي:چولستان ڪئنال جي حوالي سان منظور ڪيل پراجيڪٽ جي پي سي ون مطابق ارسا ۽ پنجاب چناب درياءُ  تي ٽي ڊيم ٺاهڻ وارو منصوبو سامهون اچي ويو آهي دستاويزن موجب چولستان ڪئنال واري پي سي  ون موجب پنجاب پنهنجي بنجر زمين ٿل ۽ ريگستان کي آباد ڪرڻ لاءِ چناب ندي تي ٽي ڊيم ٺاهڻ جي حوالي سان پلان جوڙي ارسا کان منظور ڪرائي ورتو آهي. چناب تي اڏجندڙ ٽن ڊيمن بابت سنڌ کي مڪمل طور تي انڌيري ۾ رکيو ويو آهي,دستاويزن مطابق پنجاب چناب ندي تي رانجها ڊيم پلان ڪيو آهي جنهن ۾ 12 لک ايڪڙ فوٽن جو پاڻي جمع ڪري سگهبو,ٻيو وري چنيوٽ ڊيم جتي 10 لک ايڪڙ فوٽن جو پاڻي جمع ڪري سگهبو ۽ ٽيون وري شاھ جيوڻان ڊيم جنهن ۾ 13 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي جمع ڪري سگهبو جڏهن ته ان کان علاوه ٻن جاين تي پانڊ(ذخيرا) ٺاهي ڊيمن جيترو پاڻي گڏ ڪرڻ جي منظوري ڏني ويئي آهي جنهن ۾ هڪ بهاول نگر وٽ چناب ندي ۾ پانڊ ٺاهي جتي 3 لک 60 هزار ايڪڙ فوٽن ۽ ٻيو وري حاصل پور بئراج وٽ پانڊ ٺاهي جتي 9 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي گڏ ڪري سگهبو دستاويزن موجب ڄاڻايل سمورن ڊيمن کي سنڌو درياھ مان نڪرندڙ سي جي ڪئنال ذريعي به ڀري سگهبو ٻي طرف روزاني عوامي آواز پاران پهريون ڀيرو منظر عام تي آندل ڊيم ۽ بئراجي پانڊ ٻن ڪالاباغ ڊيمن کان ڌيڪ خطرناڪ آهن.

فيبروري ۾ سنڌ جي حصي مان 7 هزار ڪيوسڪ پاڻي جو ڌاڙو

ڪراچي: ارسا فيبروري جي آخري ڏهي ۾ سنڌ جي حصي مان 7 هزار ڪيوسڪ جو ڪٽ هڻي ڇڏيو آهي جنهن سبب مارچ جي  پهرين ٽين ڊيليز ۾ سنڌ ۾ پاڻي کوٽ 50 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي,دستاويزن موجب سنڌ جي 40 هزار ڪيوسڪ جي انڊينٽ کي نظر انداز ڪندي ملندڙ 37 هزار ڪيوسڪ مان گهٽائي ڇڏيو آهي ۽ سنڌ جي حصي مان 7 هزار ڪيوسڪ جو ڪٽ هڻي فقط 30 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو آهي جنهن لائين لاسز سبب گڊو بئراج سميت سنڌ جي سمورن بئراجن تي پاڻي کوٽ مارچ جي پهرين ٽين ڊيليز تائين 50 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي

پاڻي رڳو ستلج  جو نه آهي، سنڌو مان کنيو ويندو: احسان لغاري

اسلام آباد (رپورٽ: )   ارسا جي منظوري کانپوءِ پنجاب حڪومت ستلج سليمانڪي هيڊ ورڪس مان چولستان ڪئنال ڪڍندي جنهن خلاف سنڌ جي نمائندي جو اختلافي نوٽ به سامهون اچي ويو آهي. ارسا اختيارين جو چوڻ آهي ته چولستان منصوبي لاءِ 4 لک 50 هزار ايڪڙ فٽ پاڻي دستياب هوندو. ٻئي پاسي ارسا جي سنڌ مان ميمبر احسان لغاري چولستان ڪينال منصوبي لاءِ پاڻي فراهمي جي فيصلي تي اختلافي نوٽ لکيو آهي. احسان لغاري پنهنجي نوٽ ۾ لکيو ته هو سيڪريٽري ارسا طرفان چولستان منصوبي کي پاڻي ڏيڻ جي منظوري سان متفق ناهي. سندس چوڻ هو ته سيڪريٽري ارسا طرفان پنجاب حڪومت کي پاڻي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ سنڌ سان ناانصافي آهي. احسان لغاري جو چوڻ هو ته چولستان منصوبي کي پاڻي ڏيڻ سان سنڌ درياهه جو پاڻي گهٽجي ويندو ، سيڪريٽري ارسا جنهن پاڻي جو ذڪر ڪيو آهي، اهو رڳو ستلج درياهه جو نه آهي. هن ٻڌايو ته سليمانڪي هيڊ ورڪس مان لنڪ ڪئنال ذريعي پاڻي ورتو ويندو، جيڪو سنڌو درياهه جي وهڪرن تي اثرانداز ٿيندو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ چولستان ۾ ”گرين پاڪستان“ منصوبي جي شروعات ڪئي.

سليمانڪي وٽان ٽن لنڪ ڪئنالن ذريعي چولستان ڪئنال کي پاڻي ملندو

ڪراچي:پنجاب جي چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ ٽن لنڪ ڪئنالن ذريعي پاڻي کڻي سليمانڪي وٽان چولستان ڪئنال کي ڏنو ويندو,دستاويزن موجب جهلم درياءُ مان نڪرندڙ رسول پور قادر آباد لنڪ ڪئنال جي گنجائش 22 هزار ڪيوسڪ مان وڌائي 28 هزار ڪيوسڪ ڪئي ويندي جنهن کانپوء چناب کان راوي ندي تائين قادر آباد بالوڪي لنڪ ڪئنال جي گنجائش 19 هزار ڪيوسڪ مان وڌائي 25 هزار ڪئي ويندي ٻي طرف ڀارت کي وڪرو ڪيل ندين جي چولستان واري  زمين آباد ڪرڻ لاء بالوڪي مان سليمانڪي تائين بي ايس لنڪ ڪئنال جي گنجائش 18 هزار ڪيوسڪ مان وڌائي 24 هزار ڪيوسڪ ڪئي ويندي جتي سمورو پاڻي ڀارت کي وڪرو ڪيل دريائن راوي ۽ ستلج جي ڪمانڊ ايريا کي آباد ڪرڻ لاء چولستان ڪئنال ڪڍيو پيو وڃي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.