لاڙڪاڻو(ڊ ر)مرتضيٰ جتوئي جي ضمانت لاءِ لاڙڪاڻي پهتل عاقب جتوئي چيو آهي ته مرتضيٰ خان تي موٽرسائيڪل ڦر ۽ پوليس مقابلي جهڙا ڪيس ظاهر ڪيا ويا آهن،سنڌ ۾ اها حالت ٿيندي ته هتي شريف ماڻهو ڪيئن رهي سگهندو؟ سنڌ ۾ حق انصاف ٿيڻ گهرجي،هن چيو ته مک ڪيس ۾ اسان کي ضمانت ملي آهي اميد ته ٻين ڪيسن ۾ به انصاف ملندو،ان کان وڌيڪ ڪهڙي انتقامي ڪارروائي ٿيندي؟عدالت حڪم ڏنو ته مرتضيٰ خان کي نوشهروفيروز ۾ رکيو وڃي رات جو کيس نارا جيل منتقل ڪيو ويو،اهڙيون حرڪتون ڪيون پيون وڃن،انتقامي ڪارروايون اڳ به ڏٺيون آهن،منهن ڏئي وينداسين،وڌيڪ ڪيس مذاق آهن،اسان کي عدليه تي مڪمل اعتماد آهي