ڪئنالن ۽ زمينن تي قبضن خلاف جسقم آريسر جي مارچ جي گلشن حديد ۾ شاندار آجيان

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) پاران سنڌو درياهه مٿان ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي والار خلاف 28 جنوري تي سکر مان نڪتل پيادل لانگ مارچ ڪراچي جي حد گهگهر ڦاٽڪ پهچڻ تي سياسي سماجي ۽ قومپرست تنظيمن جمعيت علماءَ اسلام، جيئي سنڌ  محاذ، جسقم، ايس يو پي، سنڌي ادبي سنگت ۽ سول سوسائٽي پاران شاندار استقبال ڪندي گلن جي ورکا ڪئي وئي، جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) جي چيئرمين اسلم خيرپوري، اشرف بهليم، سرمد ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ گهگهر کان لنڪ روڊ، قيصراڻي ڳوٺ ۽ گلشن حديد پهچڻ تي سندن شاندار آجيان ڪئي وئي، جڏهن ته گلشن حديد موڙ تي قافلو پهچڻ تي جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جي فرزند جي ايم قريشي،جيئي سنڌ محاذ جي علي نواز ٻٽ، غلام نبي ڏاهري، مقبول راڄپر ۽ ضلعي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن قافلي جي آجيان ڪندي گل نڇاور ڪيا ۽ قافلي ۾ شريڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي اجرڪ اوڍايا ويا، پيادل مارچ ڪندڙ ڪارڪنن جا پير پٿون ٿيڻ باوجود سندن حوصلا بلند هئا، عوام پاران وک وک تي شاندار استقبال ڪرڻ سبب پيادل مارچ ۾ شريڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جا ٿڪ لهي ويا،  جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت شاخ گلشن حديد جي اڳواڻن اصغر باغي، شبير لاکو، ايڊووڪيٽ غلام مصطفيٰ ڇڄڙو، ايس يو پي اڳواڻ منظور ابڙو ۽ ٻين پاران شاندار آجيان ڪئي وئي، ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ اسلم خيرپوري خطاب ڪندي چيو ته اسان سنڌو مٿان لڳندڙ پاڻي واري ڌاڙي ۽ سنڌ جي زمينن تي والار کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿا ڪيون، سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين، عالمي قوتن کي اپيل ٿا ڪيون ته سنڌو مٿان اڏجندڙ 6 ڪئنال خلاف آواز اٿارين اڄ سنڌ جو ٻچو ٻچو سنڌو جي پاڻي جي ۽ سنڌ جي زمينن تي والار خلاف ميدان تي نڪتل آهي، سنڌ جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جا نتيجا سٺا نه نڪرندا، اڄ سنڌ جون نياڻيون سنڌو جي بچاءَ لاءِ پنهنجي ڀائرن سان گڏ سوين ميل پيادل مارچ ڪري ڪراچي  شهر ۾ پهتيون آهيون جتي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائينداسين، مارچ گلشن حديد ۾ سنڌو چوڪ تي پڻ جلسي ڪرڻ بعد اڄ پيادل لانگ مارچ پنهنجي اڳئين منزل طرف روانو ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.