سياسي مخالفن خلاف ڪارروائي سان سنڌ ۾ ڏڦيڙ پکڙجندو:اسد ڀٽو

جيڪب آباد (ڊ ر) جماعت اسلامي جي سينئر اڳواڻ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چيو آھي ته وينٽي ليٽر تي ھلندڙ پ  پ جي سنڌ سرڪار گھڻي دير ڪو نه ٿي ھلي سگھي. جڏھن به فارم 47وارن ھٿ ڪڍيا ته ڏينھن جو به تارا نظر اچي ويندا.ڀٽي جي منشور جي ابتڙ ھاڻي اھا جمھوري نه پر وڏيرن ۽ ظالم سردارن جي پارٽي بڻجي وئي،سياسي مخالفن خلاف انتقامي ڪاررواين سان استحڪام بدران انتشار پکڙجندو. پوليس کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سينئر سياستدانن غلام مرتضي خان جتوئيءَ توڙي امن لاءِ پر امن احتجاج ڪندڙ جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ مٿان جڙتو ڪيس داخل ڪرائي پ پ جي سنڌ حڪومت آمريت جي دور کي به پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي. اھڙن خيالن جو اظھار ھن جيڪب آباد مقامي اڳواڻ محمد عمر سھاڳ جي وفات تي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي مجاھد چنا، ھدايت الله رند، خليفو عبدالغني پيرزادو، مرحوم جا فرزند شعيب احمد، زاھدحسين سھاڳ، ناٺي محمد يعقوب جکراڻي پڻ گڏ موجود ھئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.