ڪجهه عرب ملڪ، خاص طور تي سعودي عرب، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان رٿا جي سخت مخالفت ۽ مزاحمت ڪئي آھي.جنھن موجب 20 لک فلسطينين کي انهن جي زمين تان بي دخل ڪرڻ ۽ ” صفائي ڪري غزا کي وچ اوڀر“ ۾ هڪ سياحتي مقام ۾ تبديل ڪرڻ آھي.پر مخالفت باوجود، هي هفتو اسان کي ٻڌائيندو ته اهي عرب ملڪ واقعي ڪو حقيقي قدم کڻندا يا انهن جا بيان سکڻي لفاظي ثابت ٿيندا.
27 فيبروري تي مصر جي راڄڌاني قاهره ۾ متوقع عرب سربراهي اجلاس کان اڳ خميس ڏينھن سعودي عرب جي ميزباني ۾ قطر، مصر، اردن ۽ گڏيل عرب امارات "عرب رٿا ” تي ڳالھيون ڪندا. جنهن جو مقصد فلسطينين کي سندن زمين تان بي دخل ڪرڻ کان سواءِ غزه جي نيئن سر اڏاوت ڪرڻ ھوندو.
آمريڪا ۾ گڏيل عرب امارات جي سفير، يوسف العتيبه، گذريل اربع ڏينھن دبئي ۾ بيان ڏنو ھو تھ هوءَ ٽرمپ جي رٿا جو "ڪو به متبادل” نھ ڏسي رھيو آھي. سندس ان بيان عرب دنيا جي موقف بابت شڪ پيدا ڪيا آهن. انهن شڪن کي ان حقيقت سان بھ ھٿي ڏني آهي، گڏيل عرب امارات جيڪا اسلامي تعاون تنظيم جي اهم عرب ميمبرن ۾ شامل آھي. ابراهيمي معاهدي کان پوءِ اسرائيل جي هڪ اهم ساٿي طور اڀري سامھون آيو آهي. ان کان علاوه، گڏيل عرب امارات هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي اسرائيلي فوج (IDF) جا سپاهي آرام ڪرڻ لاءِ ويندا آهن ڇاڪاڻ ته اتي انهن کي پنهنجن ڏوهن جي سزا جو ڊپ ناهي.
اهي حلقا جيڪي عرب ۽ ٻين مسلم ملڪن جي حقيقي موقف جي حوالي سان مونجهاري ۾ مبتلا آهن، اھي پنهنجي خدشن جا مختلف سبب بيان ڪن ٿا. سڀ کان پهرين تھ اسرائيل جي غزه ۾ قتل عام تي اسرائي خلاف سخت بيان ڏيڻ جي باوجود، ڪيترن ئي مسلمان ملڪن اسرائيل سان پنهنجا ڪاروباري لاڳاپا برقرار رکيا.
ترڪيھ پڻ غزه رٿا تي سخت تنقيد ڪئي آهي، پر ان حقيقت کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ته آذربائيجان کان جارجيا ۽ ترڪ بندرگاهه جيهان کان باڪو تبلسي،جيھان پائپ لائن جي ذريعي اسرائيل تائين تيل جي ترسيل جو تسلسل جاري رهو، جيڪو اسرائيل جي تيل جي ضرورت جو 30 سيڪڙو پورو ڪري ٿو. ان سپلاءِ جي پھچڻ جو اسرائيل جي جارحاڻي فوجي مهم دوران اهم ڪردار رھيو.
رجب طيب اردگان جي حڪومت شام ۾ پنهنجي پراڪسي ”حيات التحرير“ ذريعي اسد حڪومت جي تختي اونڌي ڪرڻ ۾ پڻ سهولت ڪاري ڪئي، جنهن اسرائيل کي گولان جي پھاڙي جي زمين تي اضافي قبضي ڪرڻ جو موقعو ڏنو، جنهن ۾ اهم ڪوھ هرمون به شامل آهي، جتان کان اسرائيل ڏکڻ لبنان جي نگراني ڪري سگهي ٿو، جيڪو حزب الله جو مضبوط قلعو سمجهيو ويندو آهي گڏوگڏ وادي بيڪا جي اتر ۾ واقع دمشق جي بھ نگراني ڪري سگھجي ٿي.
مٿين مثالن باوجود، اهو سچ آهي ته سعودي عرب (جيڪو تقريبن سڀني عرب ۽ نار جي ملڪن وانگر، اسلامي انتهاپسند تنظيمن جهڙوڪ اخوان المسلمين ۽ حماس جھڙين تنظيمن کي اسٽيٽس ڪو ۽ انهن جي حڪمراني لاءِ خطرو سمجهي ٿو) ان ابراهيمي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ ٻه رياستي حل جي نفاذ لاءِ مسلسل زور ڏنو آهي.
ان کان علاوه غزه جنگ کان پوءِ ترڪيھ جي اسرائيل کي 7 ارب ڊالرز جو واپار، ان کان اڌ گهٽجي ويو آهي. ترڪيھ جي تجارتي ۽ صنعتي ذريعن جو چوڻ آهي ته اسرائيل سان باقي واپار حڪومت طرفان نه ڪيو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته حڪومت سڀني معاهدن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، بلڪه هي واپار ترڪي ۾ پرڏيهي ڪمپنين ۽ نسل پرست رياست جي وچ ۾ باهمي معاهدن جي ڪري ٿي رهيو آهي.
ان حوالي سان، اردن جي پوزيشن وڌيڪ نازڪ آهي، جنھن ھڪ ڪروڙ 1 لک آبادي جو 35 سيڪڙو فلسطيني آهن. انهن مان وڏو انگ غزه ۾ نسل ڪشي، اولهه ڪناري ۾ آبادڪاري، ۽ فلسطيني اٿارٽي جي ڪنٽرول وارن علائقن ۾ اسرائيلي حملي تي سخت ناراض آهي. فلسطيني پناهگيرن جو هڪ ٻيو وڏو گروهه هڪ ملڪ ۾ بدامني پيدا ڪري سگهي ٿو جيڪو اڳ ۾ ئي سياسي عدم استحڪام جو شڪار آهي.
سعودي حڪومت، ميڊيا، عوامي شخصيتن ۽ ماهرن پاران ملڪي ۽ پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل بيان حوصلي ڀريا آهن. انهن جو ھڪ ئي پيغام آهي،اسرائيل سان ڪنهن به قسم جي تعلق قائم ڪرڻ کان اڳ ۾ ٻھ رياستي حل تي عمل ڪرائڻ هڪ لازمي شرط آهي. ڪنگ سعود يونيورسٽي سان لاڳاپيل سعودي تعليمي ماهر مطلق المطيري چيو آهي ته سعودي عرب ،عرب رٿا جي حمايت ڪندو پوءِ چاھي ان جي لاءِ سعودي عرب کي مصر ۽ اردن کي ان امداد جي تلافي ڇو نھ ڪرڻي پئي،جيڪا ٽرمپ جي غزه رٿا منظور نه ڪرڻ تي ٽرمپ بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.
آمريڪي صدر ڳالهين شروع ڪرڻ ۽ ڊيل ڪرڻ لاءِ سخت ۽ آمرانه موقف اختيار ڪرڻ جي حوالي سان شهرت رکي ٿو.ھو اھڙي شخصيت آھي جنھن بابت ڪا بھ اڳڪٿي غيريقيني آھي. پر هڪ ڳالهه يقيني آهي ته فلسطيني پنهنجي آزادي ۽ پنهنجي زمين جي بقا لاءِ جنگ وڙهندا رهندا، جيئن اسان فلسطينين کان ٻڌو آهي جيڪي انهن گهرن جي ملبي تي ويٺا آهن جن هيٺان سندن پيارا دفن آهن، سي پنهنجي زمين تان ھٿ نھ کڻندا.
مصري نيوز ايجنسي ڊيلي نيوز موجب، مصري ريئل اسٽيٽ ٽائيڪون هشام طلعت مصطفيٰ ٽرمپ جي رٿا جي متبادل طور تي 27 ارب ڊالر جي تعمير نو جو منصوبو پيش ڪيو آهي. هن آمريڪي صدر جي منصوبي کي "غير منطقي ۽ ناقابل عمل” سڏيو آھي. ان جي بدران، هشام طلعت جي تجويز موجب، فلسطينين کي بي گھر ڪرڻ کان سواءِ غزه جي ٻيهر اڏاوت ڪري سگھجي ٿي.
ايم بي سي، ٽي وي سان ڳالهائيندي، هشام طلعت مصطفيٰ غزه ۾ ٽن سالن اندر 2 لک گهرن جي تعمير مڪمل ڪرڻ جو وزن پيش ڪيو. هن 40 کان 50 تعميراتي ڪمپنين جي وسيلن کي استعمال ڪري 13 لک شھرين کي ڇت فراھم ڪرڻ جي لاءِ 20 ارب ڊالر مختص ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. ھن مطابق انفراسٽرڪچر لاءِ ڌيڪ 4 ارب ڊالر ۽ تعليم، عوامي صحت جي سهولتن ۽ ڪمرشل خدمتن ۾ 3 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي ويندي.ڇا هشام طلعت جو منصوبو ان نئين مصري منصوبي جو حصو آهي جنهن جو ذڪر مصري عملدار ڪري رهيا آهن؟ ۽ ڇا عرب اڳواڻ 1919ع ۾ مصري قومپرست تحريڪ جي اڳواڻ سعد زغلول کي غلط ثابت ڪندا، جنهن اھو سوال ڪري عرب اتحاد تي چٿر ڪئي ھئي تھ "ٻڙي جمع ٻڙي ڪيترو ٿيندو آهي؟”