راڻي پور : ڊپٽي ڪمشنر خيرپور سيد احمد فواد شاهه راڻي پور رورل ھيلٿ سينٽر پهچي زخمين جي عيادت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ڪوچ ڊرائيور پاران رڪشي کي بچائڻ سبب افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي ڪوچ جي ڇت تي به زائرين سوار هئا جنھن ڪري وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. 10 ماڻهن فوت ۽ 45 کان وڌيڪ زخمي ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي. فوتين کي پنجاب روانو ڪيو ويو. معمولي زخمين کي پنجاب روانو ڪيو ويندو.
-
فوتين جا لاش اباڻن علائقن ڏانهن موڪلڻ جا انتظام ڪيا پيا وڃن: ايس ايس پي
راڻيپور: ايس ايس پي خيرپور توحيد الرحمان ميمڻ ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد فواد شاهه زخمين جي عيادت ڪندي يقين ڏياريو ته متاثرن کي هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. پوليس موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، جڏهن ته فوتين جا لاش ۽ معمولي زخمين کي اباڻن علائقن ڏانهن موڪلڻ جا انتظام ڪيا ويا آهن.