وفاق 8 سالن ۾ به انڊس هاءِ وي نه ٺاهيو، 5 لک سولر ورهائينداسين: وڏو وزير

سکر(رپورٽ: آزاد مهر/ رستم انڍڙ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي خطاب ۾ ڄامشورو، قاضي احمد ۽ راڻيپور ۾ ٿيل حادثن  تي افسوس جو اظهار ڪندي وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته اٺن سالن ۾ به انڊس هاءِ وي مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، سنڌ حڪومت ٻيهر خط لکي ان جي تڪميل جو مطالبو ڪندي، ھن ٻڌايو ته جڏهن هو انرجي جو وزير هو، تڏهن هن ڀارت جي سرحد سان لڳل ٻن ڳوٺن کي سولر سسٽم فراهم ڪيو هو، سنڌ حڪومت ان وقت کان ئي سولر انرجي تي ڪم شروع ڪيو، جيڪو بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي تيز ڪيو ويو، 41 سرڪاري عمارتن ۾ 28 ميگا واٽ سولر سسٽم لڳايو ويو، 656 اسڪولن، 300 سرڪاري عمارتن ۽ لائبريرين کي به سولر انرجي تي منتقل ڪيو ويو، هاڻي 2 لک خاندانن کي سولر سسٽم ڏيڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي ۽ هلندڙ سال 5 لک وڌيڪ سولر سسٽم ورهايا ويندا، 21 لک مستحق ماڻهن لاءِ گهر تعمير ڪيا ويا، جنهن مان 1 ڪروڙ 20 لک ماڻهو فائدو وٺندا، 8 لک وڌيڪ گهر تعمير هيٺ آهن، جيڪي 2026 تائين مڪمل ڪيا ويندا، وڏي وزير وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ 150 اهڙا ملڪ آهن جن جي آبادي هڪ ڪروڙ کان گهٽ آهي، انهي جو مقصد ته بلاول ڀٽو زرداري جي مشن تحت هڪ ملڪ کي نئون ٺاهي رهيا آهيون، اهڙا پڪا گهر ٺاهي رهيا آهيون، جيڪي ايندڙ خطرن کان محفوظ هوندا، اسان کي هن صوبي جي ماڻهن چار حڪومتون ڏنيون، هن صوبي جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ اسان تي فرض آهي، سنڌ حڪومت جي خدمت کي ڏسي ايندڙ اليڪشن ۾ ٻين صوبن جا ماڻهو پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏيندا ۽بلاول ڀٽو زرداري اڪثريت سان وزير اعظم ٿيندو ۽ پوري ملڪ ۾ پيپلزپارٽي خدمت ڪندي، هن چيو ته سنڌ ۾ جيڪي هڪ ٻه سيٽون رهجي ويون آهن، 2029 ۾ اهي به اسان کڻنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.