يوٽيلٽي اسٽورز ۾نئين سر تنظيم جي شروعات،3 هزار ملازم برطرف

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )يوٽيلٽي اسٽورز  ڪارپوريشن ۾ وڏي پيماني تي نئين سر تنظيم جي شروعات ڪئي وئي ۽ هڪ ئي ڏينهن ۾ 3 هزار ملازمن کي برطرف ڪيو ويو.رپورٽ موجب برطرف ڪيل ملازمن جا حڪم موڪلن واري ڏينهن جاري ڪيا ويا، پهرين مرحلي ۾ سمورن ڊيلي ويجز ملازمن کي برطرف ڪيو ويو آهي.رپورٽ موجب ڪارپوريشن ۾ سڀ کان وڌيڪ ملازم گذريل 10 سالن کان ڪم ڪري رهيا هئا، ٻئي مرحلي ۾ ڪانٽريڪٽ تي مقرر هزارين ملازمن کي به فارغ ڪيو ويندو.واضح رهي ته 22 جنوري تي وفاقي ڪابينا يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جو آپريشن بند ڪرڻ بابت ڪميٽي جوڙي هئي.  حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير 7 رڪني ڪميٽي جو سربراهه هوندو، ناڻي ۽ روينيو وارو مملڪتي وزير، آءِ ٽي جو مملڪتي وزير، ناڻي وارو وفاقي سيڪريٽري، صنعت ۽ پيداوار وارو سيڪريٽري، نجڪاري وارو سيڪريٽري ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ​​جو سيڪريٽري ڪميٽي جي ميمبرن ۾ شامل ڪيا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.