ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مچل سينٽنر چيو آهي ته ٽه ملڪي سيريز جو فائنل هاءِ اسڪورنگ هوندو ۽ نوانوي سيڪڙو تماشائي اسان جي خلاف هوندا.
نيشنل اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڪيوي ڪپتان چيو ته ڪراچيءَ جي وڪيٽ ڏاڍي فليٽ آهي، گذريل ڏينهن سيريز جي ٽئين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف پاڪستان زبردست بيٽنگ ڪندي وڏو هدف حاصل ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته فائنل به هاءِ اسڪورنگ ٿيندو، هڪ شاندار ميچ جي اميد آهي، ڇو ته ان کان اڳ واريون ميچون به وڏي اسڪور واريون رهيون.
مچل سينٽنر جو چوڻ هو ته اسان اڃا تائين پاڪستان خلاف فائنل لاءِ پنهنجي پليئنگ اليون کي حتمي شڪل ناهي ڏني، پر تياري جو سٺو وقت مليو آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کيڏي وڏو مزو ايندو آهي، ڪراچي ۽ لاهور جا تماشائي بهترين آهن ۽ لڳي ٿو ته فائنل ۾ به نوانوي سيڪڙو ڪرائوڊ اسان جي خلاف هوندو.
ڪيوي ڪپتان چيو ته اسان ٽن ڏينهن دوران ٻه ميچون کيڏيون آهن جنهن سبب ٿڪ محسوس ٿي رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته لاهور ۾ ميچ دوران زخمي ٿيندڙ راچن رويندرا هاڻي بهتر محسوس ڪري رهيو آهي، پر اسان سندس واپسي بابت ڪو به جلد بازي وارو فيصلو نه ڪنداسين ۽ سندس صحت کي مسلسل مانيٽر ڪيو پيو وڃي.
You might also like