پريشانيون اجايون! شگر کي نارمل ڪندڙ چار پيئڻ واريون سوليون شيون

جڏهن اوهان پنهنجي رت جي شگر کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هوندا آهيو ته رڳو اهو ضروري ناهي ته اوهان ڇا ٿا کائو، پر اهو به ايترو ئي اهم آهي ته اوهان ڇا ٿا پيئو. مختلف شربتن يا پيئڻ واري شين جا شگر تي مختلف اثر ٿيندا آهن، ڪن جو اثر تيز هوندو آهي ته ڪن جو آهستي. مثال طور، کير رت جي شگر کي تيزيءَ سان وڌڻ کان روڪيندو آهي، جڏهن ته پاڻي وري اهڙي شيءِ آهي جيڪو شگر کي ڪنهن تي ڪنهن به حوالي سان اثرانداز ناهي ٿيندو. وري جيڪڏهن اهو پاڻي هلڪو گرم پيتو وڃي ته پوءِ ته صحت جا فائدا ئي فائدا آهن.

شگر واري ماڻهن لاءِ گهڻي مقدار ۾ پاڻي پيئڻ بهترين ثابت ٿي سگهي ٿو، ڇو ته اهو جسم کي هائيڊريٽ ته رکندو آهي، ان دوران شگر وڌڻ جي به ڪا گنجائش ناهي هوندي، مطلب ته اهو شگر جي سطح تي ڪو به اثر نٿو وجهي. ٻئي پاسي گرين ٽي مطلب سائي چانهه به صحت لاءِ اڳ ئي ڪيترن ئي فائدن واري سمجهي ويندي آهي، پر هاڻ تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته اها رت جي شگر کي به بهتر رکڻ ۾ مددگار ٿي هجي ٿي.

کير، خاص طور تي ڳئونءَ جو کير، به شگر ڪنٽرول ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ڇو ته ان ۾ موجود پروٽين رت جي شگر کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو، پوءِ ڀلي ماڻهو کي شگر هجي يا نه. ساڳئي ريت ڪافي بابت به مختلف تحقيقن مان خبر پئي آهي ته ان جا جزا رت جي شگر جي سطح کي گھٽ ڪرڻ ۾ اثرائتا هوندا آهن. ڪيترن ئي مطالعن مان اها خبر پئي آهي ته ڪافي جي عرق کي سپليمينٽ طور استعمال ڪرڻ سان فاسٽنگ شگر تي هاڪاري اثر پوندو آهي.

ان ڪري، جيڪڏهن اوهان پنهنجي رت جي شگر کي بهتر طريقي سان ڪنٽرول ڪرڻ چاهيو ٿا ته انهن صحتمند پيئڻ واري شين کي پنهنجي روزاني زندگي جو حصو بڻائڻ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.