جاڙي ٻارن جي مائرن کي دل جي بيمارين جا وڌيڪ خطرا! پر ڇو ۽ ڪيئن؟

هڪ نئين تحقيق مان خبر پئي آهي ته اهي مائرون، جن تازو جاڙا ٻار ڄڻيا هجن، انهن ۾ ايندڙ ڪجهه هفتن ۽ مهينن دوران دل جي بيمارين جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي.

تحقيق ڪندڙن يورپي هارٽ جرنل ۾ ڇپيل هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته جاڙي ٻارن جي پيدائش کان پوءِ هڪ سال اندر عورتن ۾ دل جي مسئلن سبب اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جو خطرو ٻيڻو ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن حمل دوران هاءِ بلڊ پريشر جو مسئلو به درپيش هجي ته اهو خطرو اهو خطرو اٺوڻ تي، مطلب اڳواٺ واري خطرن کان اٺ ڀيرا وڌيڪ هوندو آهي.

نيو جرسي جي روٽگرز رابرٽ ووڊ جانسن ميڊيڪل اسڪول سان واسطو رکندڙ تحقيق ڪندڙ ڊاڪٽر روبي هڪ پريس رليز ۾ چيو آهي ته جاڙي ٻارن کي جنم ڏيندڙ ماءُ جي دل اميدواري دوران ٻين مائرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ دٻاءُ هيٺ هوندي آهي، جنهن سبب ان جي بحالي ۾ وقت لڳي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.