سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اڳوڻي ڊي جي رشيد سولنگي جي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ تي پابندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل رشيد سولنگي جي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
ڊائريڪٽر جنرل اميگريشن ڊپٽي ڊائريڪٽر ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۽ قومي احتساب بيورو کي خط لکي ڇڏيو.
خط ۾ چيو ويو آهي ته رشيد سولنگي جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو، ان کي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ کان روڪيو وڃي.
ڊي جي اميگريشن جو خط ملڪ جي ايئرپورٽن تي موڪليو ويو آهي.
واضح رهي ته رشيد سولنگي گذريل هفتي ملازمت جو مدو مڪمل ڪري رٽائر ٿي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.