قوم جيان مون کي به بابر مان وڏي اننگز جي اميد آهي: محمد رضوان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان چيو آهي ته جڏهن الله جي مدد هوندي آهي ته رڪارڊ ٺهندا آهن.
ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ ۾ ڪاميابي کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد رضوان چيو ته اسان سمجهيو هو ته ڏکڻ آفريڪي ٽيم 320 تائين رنسون ٺاهيندي، پر ڪلاسن اسڪور 350 تائين وٺي ويو.
هن وڌيڪ چيو ته بابر اعظم ۽ فخر زمان سٺي شروعات ڪئي، پر جڏهن وڪيٽون ڪرڻ لڳيون ته اسان کي حڪمت عملي تبديل ڪرڻو پئي.
اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم کان اوپننگ ڪرائڻ بابت سوال تي محمد رضوان چيو ته بابر سڀ کان سنجيدا بيٽر آهي، ان ڪري ئي کيس اوپننگ ڪرائي رهيا آهيون.
هن چيو ته بابر اعظم ڪافي رنسون ٺاهي چڪو آهي، ان ڪري اسان کي اميد هوندي آهي ته هو هر ميچ ۾ سنچري ڪري، مون کي به قوم وانگر بابر مان وڏي اننگز جي اميد آهي. بابر تي به رنس ٺاهڻ جو دٻاءُ هوندو، اميد آهي ته هو جلد وڏو اسڪور ڪندو.
محمد رضوان جو چوڻ هو ته مان 18هين اوور تائين اسڪرين ڏسڻ کان پاسو ڪري رهيو هوس، اسان پنج پنج اوورن جي رٿابندي تحت کيڏيو، جنهن ۾ ڪاميابي ملي.
پاڪستاني بالرن جي ڪارڪردگي تي تبصرو ڪندي هن چيو ته آخري اوورن ۾ بالنگ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ڪپتان محمد رضوان چيو ته صائم ايوب جو نه هجڻ اسان لاءِ وڏو نقصان آهي، ان جي غير موجودگي جو ٽيم تي اثر پيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.