سوچ کي لفظن ۾ تبديل ڪندڙ ٽيڪنالوجي تيار ڪرڻ جي دعويٰ

فيس بڪ، انسٽا گرام ۽ واٽس ايپ جي مالڪ ڪمپني ميٽا هڪ اهڙي ٽيڪنالوجي تيار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جنهن جي ذريعي انساني ذهن ۾ ايندڙ سوچ کي لفطن ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو.
ڄاڻايل ٽيڪنالوجي هر سوچ کي لفطن ۾ تبديل نه ڪندي پر انهن خيالن کي لفظن ۾ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، جن خيالن تحت ڪوئي به انسان ڪجهه چوڻ ۽ لکڻ چاهيندو هوندو.
ميٽا ڄاڻايل ٽيڪنالوجي کي اڃا تائين حتمي ۽ مڪمل نالو نه ڏنوآهي ۽ اڃا ان تي تحقيق ٿي رهي آهي پر ڄاڻايل ٽيڪنالوجي کي (Brain 2 Qwerty) چيو پيو وڃي.
ڄاڻايل ٽيڪنالوجي هٿرادو ذهانت (اي آئي) جي ايڊوانس لينگويج ماڊيول سان ليس آهي ۽ ان ٽيڪنالوجي کي انتهائي خاص ڪئمرائن ۽ اسڪينرز سان جوڙو ويو آهي.
اها ٽيڪنالوجي ٺاهڻ کان اڳ هڪ تمام ڊگهي ۽ ايڊوانس اي آئي لينگويج ماڊيول کي ترتيب ڏنو ويو، مختلف انسانن کي ڪرسي تي ويهاري انهن کي ڪجهه نه ڪجهه لکڻ لاءِ سوچڻ جو چيو ويو ۽ پوءِ اسڪينرز ۽ ڪئمرائن انسان جي دماغ ۾ ايندڙ لفظي خيالن کي ٽائپ ڪرڻ لاءِ ٽائپنگ مشين ڏانهن منتقل ڪيو.
ان ٽيڪنالوجي ذريعي انساني دماغ سان اليڪٽرو انٽرنيٽ تارون جوڙيون وينديون آهن، جنهن جون لهرون دماغ جي اندر پيدا ٿيندڙ خيالن کي ڪيچ ڪري اسڪينر، ڪئميرا يا ڪنهن اهڙي نظام جي طرف منتقل ڪن ٿيون، جيڪو خيالن جي لهرن کي لفطن ۾ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
اڃا تائين ڄاڻايل ٽيڪنالوجي تي ڪم ۽ تحقيق شروعاتي مرحلي ۾ آهي ۽ ڪمپني جي دعويٰ آهي ته هيل تائين جي آزمائش ۾ نئين سسٽم 80 سيڪڙو درست ڪم ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.