نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پيرسن شخص کي سروس فراهم ڪرڻ ۾ دير ڪرڻ تي سي اي او سڄي کاتي کي 30 منٽن جي لاءِ بيهاري ڇڏيو.
نوائيڊا جي رهواسي پلاٽ ڊپارٽمينٽ جي سي اي او گهٽ ۾ گهٽ 16 ملازمن کي بيهڻ جي سزا ڏئي ان وقت اسڪول جي ياد تازي ڪرائي، جڏهن هن ٻئي عوام سميت هڪ بزرگ شهري کي به ڪائونٽر تي منٽ انتظار ڪندي ڏٺو.
پرڏيهي ميڊيا موجب نوائيڊا اٿارٽي جي سي اي او ڊاڪٽر لوڪيش سروس ڪائونٽر تي هڪ پيرسن شخص کي غير ضروري طور تي انتظار ڪندي ڏسي عملي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي.
معمول جي سي سي ٽي وي مانيٽرنگ دوران ڊاڪٽر لوڪيش سروس ۾ دير ٿيندي ڏٺي ۽ عملي کي ان مسئلي کي فوري طور تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڊاڪٽر لوڪيش جڏهن سروس جي تيز فراهمي جي هدايت بعد به برزگ شهري کي 30 منٽ انتظار ڪندي ڏٺو ته ڪاوڙ ۾ اچي ويو.
سي اي او کاتي جو دورو ڪيو ۽ 16 ملازمن سميت عورت عملي کي به تاديبي قدم طور 30 منٽن تائين بيهڻ ۽ ان حالت ۾ ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏنو.
ڀارتي سرڪاري آفيس ۾ پيش ايندڙ اهو واقعو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو.
You might also like