سال 2024 ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ 100 رانديگرن جي لسٽ جاري

هڪ سال دوران سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ دنيا جي ٽاپ 100 ايٿليٽس ۾ ڪنهن عورت پليئر جو نالو شامل نه آهي.
اسپورٽس جي حوالي سان رپورٽنگ ڪندڙ ڊجيٽل پليٽ فارم ”اسپورٽيڪو“ 2024 ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ 100 رانديگرن جي فهرست جاري ڪئي، جنهن ۾ ڪا به عورت شامل نه ٿي سگهي.
2024 ۾ سڀ کان وڌيڪ آمدني حاصل ڪندڙ عورت رانديگر آمريڪي ٽينس اسٽار ڪوڪو گاف رهي، جنهن جي سالياني آمدني 3 ڪروڙ ڊالرز کان وڌيڪ هئڻ باوجود هوءَ ٽاپ 100 جي فهرست ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهي.
فهرست ۾ پهريون نمبر پرتگالي فٽبال اسٽار ڪرسٽيانو رونالڊو جو آهي، جنهن جي سال 2024 جي آمدني 26 ڪروڙ ڊالرز رهي.
ٻي پوزيشن تي آمريڪي باسڪٽ بال رانديگر اسٽيڦن ڪِري آهي، جيڪو 15 ڪروڙ ڊالرز کان وڌيڪ ڪمائي چڪو آهي، جڏهن ته ٽيون نمبر برطانوي باڪسر ٽائسن فري حاصل ڪيو، جنهن جي آمدني 14 ڏهائي 7 ڪروڙ ڊالرز رهي.
ارجنٽينا جي ليجنڊري فٽبالر ليونل ميسي فهرست ۾ چوٿين نمبر تي آهي، جنهن 2024 دوران ڪل 13.5 ڪروڙ ڊالرز ڪمايا.
پنجين نمبر تي آمريڪي باسڪٽ بال اسٽار لي برون جيمز موجود آهي، جيڪو 13.32 ڪروڙ ڊالرز ڪمائي چڪو آهي.
واضح رهي ته اسپورٽيڪو طرفان جاري ڪيل هي فهرست رانديگرن جي سال 2024 دوران حاصل ٿيندڙ پگهارن، انعامي رقم ۽ اسپانسرشپ جي بنياد تي ترتيب ڏني وئي.
فهرست ۾ 27 ملڪن جي 8 مختلف راندين سان لاڳاپيل رانديگر شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.