نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن بنگلاديش جي اڳوڻي وزير اعظم شيخ حسينه واجد جي حڪومت ۾ مخالف سياسي ڪارڪنن تي ظلم ۽ تشدد سان لاڳاپيل رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن بنگلاديش جي اڳوڻي وزير اعظم حسينه واجد جي 15 سالن جي حڪومتي دور کي سنگين ڏوهن جو دور قرار ڏنو.
گڏيل قومن جي انساني حقن جي آفيس مان جاري رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حسينه واجد حڪومت مخالف مظاهرن خلاف ڄاڻي وارڻي ۽ منظم ڪريڪ ڊائون ڪيو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حسين واجد پنهنجي حڪومت بچائڻ جي لاءِ پوليس هٿان 1400 شهرين کي قتل ۽ سوين شهرين کي جيلن ۾ وجهرايو.
گڏيل قومن جي انساني حقن جي کاتي جي سربراهه چيو ته بنگلاديش جي انٽيليجنس سيڪيورٽي ايجنسين ۽ حڪمران پارٽي جي شرپسندن انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪيون.
گڏيل قومن جي انساني حقن جي کاتي جي سربراهه مطالبو ڪيو ته انسانيت خلاف ڏوهن جي جاچ لازمي ٿيڻ گهرجي.
هن رپورٽ ۾ پهرين جولائي 2024 کان 15 آگسٽ جي شيخ حسينه جي حڪومت جي خاتمي تائين جي واقعن متعلق انڪوائري رپورٽ ۾ شايع ڪئي وئي.
You might also like