برلن (ويب ڊيسڪ) جرمني جي شهر ميونخ ۾ هڪ تيز رفتار گاڏي 2 درجن کان وڌيڪ ماڻهن کي چيڀاٽي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڇيڀاٽجي ويل سمورا ماڻهو مزدور هئا ۽ هڙتال تي ويٺل هئا، پوليس پيڇو ڪندي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن جي سڃاڻپ افغان شهري طور ٿي آهي.
جوابدار جي جرمني ۾ سياسي پناهه لاءِ به درخواست ڏنل آهي ۽ ان تي اڳ ۾ به چوري ۽ منشيات فروشي جا سنگين الزام آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته تيز رفتار گاڏي 28 ماڻهن کي چيڀاٽي ڇڏيو آهي، جن مان ٻن جي حالت نازڪ آهي.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، في الحال اهو واضح نه آهي ته جوابدار نشي ۾ هو يا نه.
You might also like