2024 گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ صحافين جي سڀ کان وڌيڪ قتل عام جو سال ثابت ٿيو

صحافين جي تحفظ جي تنظيم سي پي جي چيو آهي ته گذريل سال 18 ملڪن ۾ 124 صحافي پيشيوراڻيون ذميواريون نڀائيندي قتل ٿيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب صحافي تنظيم ”ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس“ جي سالياني رپورٽ جاري ڪئي وئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته سال 2024 گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ موت مار ثابت ٿيو.
اسرائيل جي غذز جنگ سبب صحافي ڏهاڪن جي مشڪل ترين دور مان گذري رهيا آهن.
گذريل سال قتل ٿيندڙ 124 صحافين مان 70 سيڪڙو اسرائيلي جارحيت ۾ ماريا ويا.
هلندڙ سال جي پهرئين مهيني ۾ به 6 صحافي ۽ ميڊيا ورڪر مارجي چڪا آهن.
ان کان اڳ سال 2023 ۾ 102 ۽ سال 2022 ۾ 69 صحافي قتل ٿيا هئا پر گذريل سال اسرائيل غزا جنگ ۾ تمام صحافتي اصولن کي پامال ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.