ڪينيڊا ۾ ٿيل هڪ نئين تحقيق مان خبر پئي آهي ته جيڪي ماڻهو چرس جي وڌيڪ استعمال سبب ايمرجنسي ۾ يا اسپتال داخل ٿين ٿا، انهن ۾ ايندڙ پنجن سالن اندر موت جو خطرو وڌي ويندو آهي.
هي تحقيق جاما نيٽ ورڪ اوپن ۾ ڇپيا آهن، جتي ماهرن ٻڌايو ته چرس جي وڌندڙ استعمال ۽ اهڙي شين جي طاقت ۾ واڌارو صحت لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، جيڪا هن مسئلي جي خطرناڪ صورتحال کي واضح ڪري ٿي.
خاص طور تي نوجوانن ۾ هي مسئلو وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو، ڇو ته چرس کي قانوني حيثيت ملڻ بعد ان جي واپار ۽ مارڪيٽنگ ۾ به تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي.
تحقيق جي اڳواڻي ڪندڙ ڊاڪٽر ڊينيئل ميران جو چوڻ آهي ته پوري دنيا ۾ چرس جو استعمال تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي ۽ هاڻ ڪينيڊا ۽ آمريڪا ۾ روزانو شراب پيئندڙن جي ڀيٽ ۾ چرس استعمال ڪندڙن جو انگ وڌيڪ ٿي ويو آهي.
هن وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته جيئن جيئن چرس جي استعمال سان وقت کان اڳ موت جو خطرو وڌي رهيو آهي، خاص طور تي نوجوانن ۾، ته اهو ضروري آهي ته هن مسئلي کي سنجيدگيءَ سان ورتو وڃي ۽ صحت جي پاليسين ۾ ان تي ڪم شروع ڪيو وڃي.