کير پياڪ ٻارڙي سميت 4 ٻار امڙ جي لاش مٿان روئندا رهيا

خانپورمهر (رپورٽ : ميهرمهر) خانپورمهر ۾ مبينا طور جنوني مڙس ڪهاڙين جا وار ڪري زال کي قتل ڪري ڇڏيو, کير پياڪ ٻارڙي  سميت 4 معصوم ٻارڙا امڙ جي لاش کي چنبڙي روئيندا رهيا. شاهپورمهر واري علائقي ۾ خيمي ۾ رهندڙ شڪارپور ضلعي جي خانپور تعلقي واسي جنوني جوابدار عبدالرحمان بنگلاڻي پنهنجي گهرواري مسمات سليمت بنگلاڻي کي مبينا طور ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو کير پياڪ ٻارڙي سميت 4 معصوم ٻارڙا پنهنجي امڙ جي لاش کي چنبڙي زاروقطار روئيندا رهيا, اطلاع ملڻ تي خانپورمهر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولہ عورت جو لاش کڻائي خانپورمهر جي تعلقه اسپتال شيخ همدان بن پهچايو جتان ضروري ڪاروائي بعد عورت جو لاش سندس هڪ ويجهي عزيز عيدن بنگلاڻي حوالي ڪيو جيڪو ايمبولينس ذريعي لاش شڪارپور کڻائي ويو خانپورمهر پوليس جوابدار عبدالرحمان بنگلاڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. عبدالرحمان بنگلاڻي پنهنجي گهر واري ۽ معصوم ٻارڙن سميت شاهپورمهر واري علائقي ۾ هڪ خيمي جي گهر ۾ رهندو هو ۽ زال مڙس علائقي ۾ لوڊر رڪشا ذريعي ڳوٺن ۾ وڃي  مختلف شيون وڪرو ڪري گذر سفر ڪندا هئا. سليمت بنگلاڻي جو لاش وصول ڪندڙ سندس ويجهي عزيز عيدن بنگلاڻي ٻڌايو ته هو شڪارپور ضلعي جي خانپور تعلقي جا رهواسي آهن جوابدار عبدالرحمان بنگلاڻي ذهني مريض آهي کين چار ٻارڙن جو اولاد آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.