هتي مافيائون آهن، پوليس جي هٿ ۾ ڪجهه ناهي، ٽريفڪ نظام ٺيڪ نه ٿيندو: اي ٽي سي

ڪراچي(رپورٽر) دهشتگردي  ٽوڙ عدالت ڊمپر ساڙڻ جي ڪيسن ۾ گرفتار مهاجر قومي موومينٽ جي سربراهه آفاق احمد کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو، ڪورنگي ۾ ٽرڪ ساڙڻ واري واقعي جي ڪيس آفاق احمد کي ڪالهه بڪتر بند ذريعي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، گرفتار ٻين 10 جوابدارن کي به پيش ڪيو ويو، پوليس عدالت کي آگاهي ڏني ته آفاق احمد شهرين کي ڀڙڪايو ته هيوي ٽريفڪ کي شهر ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو وڃي جنهن بعد سندس حڪم تي ٽرڪ ساڙي وئي، جاچ آفيسر چيو ته ڊمپر ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر غائب آهن، خدشو آهي ته اهي جوابدارن  جي قبضي ۾ هوندا، ٻن انساني زندگين جو مسئلو آهي، لکين رپين جي کنڊ جون ٻوريون به غائب آهن، انڪري جاچ ڪري جسماني رمانڊ ڏنو وڃي، عدالت پوليس جي درخواست رد ڪندي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو، عدالت چيو ته هتي ٽرئفڪ جو نظام ئي خراب آهي ۽ ان کي درست نٿو ڪري سگهجي، ٽرئفڪ جا مسئلا آهن ۽ هتي مافيا آهن،  سپاهين جي هٿن ۾ ڪجهه به ناهي، سڄو علائقي هڪ ايس او ۽ هڪ پوليس آفيسر حوالي نه هجڻ گهرجي مئجسٽريٽ علائقي وار هجڻ گهرجن، ٻيو مسئلو موٽر سائيڪلن جو به آهي، جيستائين اسان منظم نه ٿينداسين ته اهي ماڻهو به منظم نه ٿيندا، ڊمپر ساڙڻ وارا تخريبڪاري ۾ ملوث آهن، عدالت ٻاهران آفاق احمد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي شهر لاءِ آواز اٿارڻ جي سزا ڏني پئي وڃي، مون کي جيل موڪلي اهي ماڻهو ظاهر ٿي پيا آهن جيڪي مافيائن سان گڏ آهن،  هن وقت حڪومت ڊمپر مافيا جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي، پيپلز پارٽي ان معاملي ۾ مڪمل طور ظاهر ٿي پئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.