پشاور(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان قبائلي مسئلن جي حل لاءِ اسلام آباد مارچ جي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ آئين جا وفادار آهيون پر جبري فيصلا قبول نه ڪنداسين. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان قبائلي جرڳي کي خطاب ڪندي چيو ته بزرگن جرگو ڪيو، اهو احسان آهي، جرڳن جو قدر ڪريون ٿا. جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان قبائلي مسئلن جي حل لاءِ اسلام آباد مارچ جي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ آئين جا وفادار آهيون پر جبري فيصلا قبول نه ڪنداسين. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان قبائلي جرڳي کي خطاب ڪندي چيو ته بزرگن جرگو ڪيو، اهو احسان آهي، جرڳن جو قدر ڪريون ٿا. مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون تي ڪير هلي ٿو، جڏهن آئين ۽ قانون جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ملڪ ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته طاقت ورن کي آئين لفظ پسند نه آهي. ان ڪري اهي مون کي غدار چون ٿا. هن چيو ته وسيلا صوبي جي عوام جو حق آهن، نه حڪومت ۽ نه فوج کي اسان جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي اجازت آهي، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته حڪومت تي اعتماد جو فقدان ٿيندو.