150کان وڌيڪ ميڊيڪل ڪاليجن پاران اربين رپين جي ڦرلٽ، پڇاڻو نه ٿيو؟

اسلام آباد(اعزاز سيد)پاڪستان ميڊيڪل ڊينٽل ڪائونسل جي ”مهربانين“ سان سڄي ملڪ ۾ موجود 150 کان وڌيڪ خانگي ميڊيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽيون هر سال اربين رپيا ڪمائي رهيون آهن،وزيراعظم،نائب وزيراعظم،صحت جو وفاقي وزير ان اسڪينڊل ۾ برابر جا ذميوار آهن،2018ع ۾ في سيمسٽر فيس گهٽائي 8 کان 9 لک رپيا ڪئي وئي هئي جيڪا 2024ع ۾ 30 لک رپين تائين پهچي چڪي آهي،پارليامينٽ ۾ موجود نمائندا به ميڊيڪل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي ڪاروبار ۾ ملوث آهن،پرڏيهي وزير ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ڪاليجن جون فيسون گهٽائڻ لاءِ قائم ڪيل اسٽينڊنگ ڪميٽي جو سربراهه آهي،پهرين ڳالهه ته اسحاق ڊار جو اهو ڪم ئي ناهي،صحت جو شعبو هن وٽ ناهي،انوشه بهرام ۽ ٻين سينيٽرن فيسن ۾  واڌاري تي وڏو گوڙ ڪيو جنهن بعد ميڊيڪل ڪاليجن فيصلو ڪيو آهي ته سمورن ڪاليجن ۾ داخلا ماڻيندڙ شاگرد 12 فيبروري تائين ايڊوانس فيس لازمي جمع ڪرائن جيئن جيڪڏهن ڪميٽي فيسون گهٽائڻ جو ڪو حڪم نامو جاري ڪري ته انهن وٽ عذر هجي ته اسان ته ايڊوانس فيسون وٺي ڇڏيون آهن،ان ڦرلٽ تي ڪو به پڇڻ وارو ناهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 11 فيبروري 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.