لزبن (م ڊ) صدر آصف علي زرداري پورچوگال جي راڄڌاني لزبن پهچي اسماعيلين جي روحاني پيشوا پرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي تي سندس پٽ شهزادي رحيم الحسيني سان ملاقات ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت طرفان دلي همدردي جو اظهار ڪيو، صدر زرداري چيو ته قوم هڪ سچي دوست ۽ عظيم انسان دوست کان محروم ٿي وئي آهي، مرحوم آغا خان سان منهنجا ذاتي تعلقات هئا، سندس دور انديش قيادت پاڪستان ۽ دنيا جي ٻين خطن جي ماڻهن جي زندگين کي بهتر بڻايو، آغا خان جي انسان دوستي ۽ انسانيت لاءِ خدمتن کي هميشا ياد رکيو ويندو، کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هتي آيو آهيان.