ڍاڪا(م ڊ) بنگلاديش جي نئين تعليمي نصاب ۾ مجيب الرحمان بدران جنرل ضياءُ الرحمان کي باباءِ قوم قرار ڏنو ويو آهي. قومي نصابي ۽ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين چيو ته نوان درسي ڪتاب جاري ڪيا ويا آهن. 1971ع ۾ بنگلاديش جي آزاديءَ جو اعلان جنرل ضياءُ الرحمان مختلف بنگلاديش ريڊيو اسٽيشنن تي ڪيو. 2025ع جي تعليمي سال جي نئين درسي ڪتابن موجب 26 مارچ 1971ع تي جنرل ضياءُ الرحمان بنگلاديش جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو ۽ 27 مارچ تي بنگلاديش جي آزاديءَ جو باضابطا اعلان ڪيو ويو، ياد رهي ته ان کان اڳ درسي ڪتابن ۾ قوم جو باني ۽ ملڪ جو باني شيخ مجيب الرحمان کي قرار ڏنو ويو هو.