چيني ڪمپني ڊيپ سيڪ جو هٿرادو ذهانت وارو نمونو چين جي تاريخ جي بهترين ڪم طور ڏٺو پيو وڃي.
گوگل جي مصنوعي ذهانت واري ڪمپني ڊيپ مائنڊ جي چيف ايگزيڪٽيو ڊيمس هسابس ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو، پر هن اهو به واضح ڪيو ته چيني ڪمپني ڪا نئين سائنسي جدت پيش نه ڪئي آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ ڊيپ سيڪ پنهنجو نئون مصنوعي ذهانت چيٽ بوٽ ” آر ون“ جاري ڪيو، جنهن عالمي سطح تي ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو ۽ آمريڪي ڪمپنين کي مالي نقصان پهچايو.
پئرس ۾ گوگل جي هڪ تقريب دوران ڳالهائيندي، ڊيمس هسابس چيو ته ڊيپ سيڪ جو هٿرادو ذهانت وارو نمونو متاثر ڪندڙ آهي ۽ هي چين مان سامهون ايندڙ بهترين ڪم آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڊيپ سيڪ جو نمونو ثابت ڪري ٿو ته ڪمپني سٺو ڪم ڪيو آهي ۽ جاگرافيائي سياست جي منظرنامي تي ان جا اثر پئجي سگهن ٿا، پر اِها ٽيڪنالاجي جي لحاظ کان وڏي جدت نه آهي.
سندس چوڻ هو ته ڊيپ سيڪ ڪا نئين سائنسي اڳڀرائي ناهي ڪئي، پر ڪمپني موجوده مصنوعي ذهانت جي طريقن کي استعمال ڪيو آهي، تنهن ڪري ان کي وڌاءُ سان پيش ڪيو پيو وڃي.
ڊيمس هسابس جو چوڻ هو ته گوگل جو جيمنائي 2.0 فليش نمونو ڊيپ سيڪ جي نموني کان بهتر آهي.
هن صنعت جي تيز واڌاري تي روشني وجهندي چيو ته مصنوعي ذهانت هاڻ عام ذهانت جي ويجهو پهچي رهي آهي، جنهن جو مطلب آهي ته هڪ اهڙو نظام، جيڪو انساني دماغ جيان ڪم ڪري سگهي.
هن چيو ته اسان ان حد تي پهچي چڪا آهيون ۽ ايندڙ پنجن سالن اندر يا ان کان اڳ عام ذهانت وارو نظام سامهون اچي سگهي ٿو.
هن خبردار ڪيو ته سماج کي ان لاءِ تيار رهڻ گهرجي ته اهڙي ٽيڪنالاجي جا ڪهڙا اثر ٿيندا.
You might also like