رضا رباني جو آءِ ايم ايف وفد کي واپس موڪلڻ ۽ ناڻي واري وزير کان استعيفيٰ جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني وفاقي حڪومت کان آءِ ايم ايف ٽيڪنيڪي مشن جي ويزا رد ڪري ان کي واپس موڪلڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پنهنجي بيان ۾ رضا رباني چيو ته ڪو خود مختيار ملڪ پرڏيهين کي پنهنجي عدالتي نظام جي معائني جي اجازت نٿو ڏئي سگهي.
هن چيو ته ناڻي واري وزير کي به اهڙن شرطن تي صحيح ڪرڻ تي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، واضح ٿي چڪو ته آءِ ايم ايف معاهدو پارليامينٽ ۽ عوام کان ڇو لڪايو ويو هو.
واضح رهي ته آءِ ايم ايف جو 3 رڪني مشن پاڪستان جي 6 شعبن ۾ ناقص گورننس ۽ ڪرپشن جو جائزو وٺڻ لاءِ گذريل ڏينهن پاڪستان پهتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.