۽ جڏهن شعيب اختر لکين ڀارتين کي چُپ ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيٽ فلڪس پنهنجي تازي دستاويزي فلم ” دي گريٽسٽ رائيولر: انڊيا ورسز پاڪستان جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ وريندر سهواگ، شعيب اختر ۽ ٻين رانديگرن جا انٽرويوز شامل آهن.
ٽن قسطن تي آڌرايل هن سيريز ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ جي تاريخ، سياسي ۽ واپاري پهلوئن تي روشني وڌي وئي آهي.
نيٽ فلڪس جي بيان موجب، دستاويزي سيريز ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ تاريخ، ان جي مختلف پاسن ۽ موجوده صورتحال کي بيان ڪيو ويو آهي.
فلم ۾ ڇا آهي؟
هيءَ دستاويزي فلم ٻن اهم سيريز تي ٻڌل آهي، هڪ پاڪستان جو ڀارت جو ٽور (جنهن ۾ ٽيسٽ سيريز برابر ٿي ۽ ٽه ملڪي سيريز پاڪستان کٽي) ۽ ٻيو ڀارت جو 15 سالن بعد پاڪستان جو دورو، جنهن ۾ ون ڊي ۽ ٽيسٽ سيريز ڀارت کٽي.
ان ۾ 1983 ۽ 1992 وارن ورلڊ ڪپ، 2008 جي پهرين آءِ پي ايل ايڊيشن، ميچ فڪسنگ، ڪارگل جنگ ۽ ممبئي حملن جهڙن موضوعن تي بہ ويچاريو ويو آهي.
ان کانسواءِ سيريز ۾ 2022 واري ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ ويرات ڪوهلي جي ميلبورن جي ميدان تي حارث رئوف خلاف کيڏيل شاٽ، جنهن کي شاٽ آف دي سينچري قرار ڏنو ويو پڻ شامل آهي.
ڀارت هميشه پاڪستان تي دهشتگردي جو الزام لڳائيندو رهيو آهي( پر هن سيريز ۾ پاڪستاني صحافي نديم پراچا ممبئي حملن ۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ جو اعتراف ڪندي نظر آيو )، جڏهن ته ڀارت جي حڪمران پارٽي بي جي پي جا ڪيترائي ميمبر ۽ هندو انتهاپسند تنظيم شِو سينا جا اڳواڻ پاڪستان سان هر قسم جي لاڳاپن جي مخالفت ڪندا رهيا آهن. اهو سڀ ڪجهه اوھان کي هن سيريز ۾ نظر ايندو.
فلم ۾ خاص طور تي شعيب اختر ۽ وريندر سهواگ کي نمايان ۽ ھيرو طور ڏيکاريو ويو آهي، ٻنهي پنهنجي تجربن بابت ڳالهايو آهي.
سهواگ جو چوڻ هو ته ”اسان ٻه ڀائر هئاسين، جيڪي الڳ ٿي ويا، اسان کي هڪٻئي جي ملڪ ۾ کيڏندي ڊگهو عرصو گذري چڪو آهي، جنهن جو نقصان مداح ڀوڳي رهيا آهن.
شعيب اختر جو چوڻ هو ته ” هزارين ورهين کان گڏ رهڻ باوجود اختلاف ايترا وڌي ويا آهن جو جڏهن ماڻهو ميچ ڏسڻ اچن ٿا ته هو پنهنجا نظريا ۽ سياسي سوچ به ساڻ کڻي اچن ٿا.“
پاڪستان 1999 وارو ڀارتي دورو شعيب اختر جي ڪرڪيٽ ڪيريئر ۾ اهم موڙ ثابت ٿيو.
راولپنڊي ايڪسپريس ڪولڪتا ٽيسٽ ميچ کي ياد ڪندي چيو ته ” هڪ لک ماڻهو رڳو ”سچن، سچن“ چئي رهيا هئا، مون پهه ڪري ورتو ته بس هن کي ئي آئوٽ ڪرڻو آهي، ڏهن سڪينڊن کانپوءِ ايڊن گارڊن ۾ ماٺار ڇائنجي وئي ۽ هڪ ئي ماڻهو جو آواز گونجي رهيو جيڪو مان هئس.“
ڊاڪيومينٽري ۾ ڀارت جي اڳوڻي ڪپتان سارو گانگولي چيو ته هو پنهنجي قيادت ۾ ”پاڪستان کي پاڪستان ۾ هارائڻ چاهيندو هو ۽ اِهو هن 2004 ۾ ڪري ڏيکاريو.“
هن سيريز ۾ رانديگرن جي يادگيرين سان گڏ، سندس سياسي فيصلن ۽ انهن جي اثرن کي به بيان ڪيو ويو آهي.
هي سيريز پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ لاڳاپن کي بهتر سمجهڻ لاءِ مددگار ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.