شادين جي شرح گهٽجڻ سبب معيشت متاثر ٿيڻ جو خدشو، چيني اختياريون پريشان

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ شادين جي شرح ۾ رڪارڊ گهٽتائي ڏٺي وئي آهي، جنهن جا سنگين اثر معيشت ۽ آبادياتي پاليسين تي پئجي رهيا آهن.
چين جي شهري معاملن واري وزارت موجب گذريل سال شادين جي رجسٽريشن ۾ حيران ڪندڙ طور 20 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، اهو رجحان ملڪ لاءِ وڏي چيلينج جي حيثيت رکي ٿو.
چيني ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اهو رجحان برقرار رهيو ته چيني حڪومت جون سياسي ۽ اقتصادي ڪوششون ان جي آبادياتي ڪمزوري سبب متاثر ٿي وينديون.
چين دنيا جو ٻيو وڏي آبادي وارو ملڪ آهي پر اتي وڏي عمر جي ماڻهن جو انگ تمام گهڻو آهي، ايندڙ 10 سالن ۾ چين ۾ تقريبن 30 ڪروڙ شهري رٽائرمينٽ جي عمر تائين پهچي ويندا، جيڪو انگ آمريڪا جي سڄي آبادي جي برابر آهي.
چين ۾ پيدائش جي شرح مسلسل گهٽجي رهي آهي، جنهن جي بنيادي سببن ۾ 1980 کان 2015 تائين لاڳو ”هڪ ٻار پاليسي“ ۽ تيز رفتار شهري ترقي شامل آهن.
چيني اختياريون شادي ۽ ٻارن جي پيدائش کي هٿي لاءِ قدم کڻي رهيون آهن، توڙي جو 2024 ۾ چين ۾ ٻارن جي پيدائش جي شرح ۾ ڪجهه واڌ ڏٺي وئي پر ان باوجود ملڪ جي آبادي مسلسل ٽئين سال گهٽي آهي.
انگن اکرن مان خبر پئي ٿي ته چين ۾ طلاق جي شرح ۾ به واڌ ٿي رهي آهي ۽ گذريل سال 26 لک کان وڌيڪ جوڙن طلاق لاءِ درخواست ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.