اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي سينارٽي تبديل ڪرڻ خلاف 5 ججن جي ريپريزنٽيشن رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق 5 ججن جي ريپريزنٽيشن تي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي سينارٽي تبديل ڪرڻ خلاف 5 ججن جي ريپريزنٽيشن رد ڪندي ٽن صوبائي هاءِ ڪورٽس مان ججن جي بدلي کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ تبديل ڪيل سينارٽي لسٽ برقرار رکي وئي.
فيصلي تحت لاهور هاءِ ڪورٽ مان ٽرانسفر ٿي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايندڙ جسٽس سرفراز ڊوگر سينيئر پيوني جج برقرار رهندو.
چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته جسٽس سرفراز ڊوگر 2015 ۾ هاءِ ڪورٽ جي جج طور حلف کنيو، صوبائي هاءِ ڪورٽن مان بدلي ٿيندڙ ججن کي ٻيهر حلف کڻڻ جي ضرورت ناهي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ججن جي مقرري ۽ بدلي ۾ فرق آهي، ٻئي مختلف ڳالهيون آهن، جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس طارق جهانگيري، جسٽس بابر ستار، سردار اعجاز اسحاق خان ۽ جسٽس ثمن رفعت جي ريپريزنٽيشن رد ڪئي وڃي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.