راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان آرمي چيف کي خط لکڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته آرمي چيف کي ٻه خط ان ڪري لکيا ته جيڪي اسان جا جمهوري رستا هئا، اهي سڀ ختم ڪيا ويا، اڳ ۾ سينسر شپ هئي، هاڻ پيڪا به اچي ويو ۽ سوشل ميڊيا کي به روڪيو ويو.
هن چيو ته هيءَ فراڊ پارليامينٽ آهي، وزيراعظم، صدر ۽ وزير جعلي آهن، پارليامينٽ مان ڪا اميد ناهي، مون کي ڪا اميد نه هئي ته حڪومت سان ڳالهيون ڪامياب ٿينديون.
You might also like