ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان هميشه پنهنجي شخصيت، فٽنيس ۽ بيانن سبب خبرن ۾ رهندو آهي، پر هن ڀيري سندس هڪ پراڻو انٽرويو وري بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجن عقيدن بابت ڳالهايو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارتي سوشل ميڊيا تي 2017ع ۾ ڏنل انٽرويو جو هڪ ڪلپ ٻيهر وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ سلمان خان پنهنجي خوراڪ جي عادتن ۽ مذهبي عقيدن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.
پروگرام جي ميزبان رجت شرما جي سوال تي سلمان خان ٻڌايو ته هو هر قسم جو کاڌو کائي ٿو، پر بيف ۽ سور جو گوشت ناهي کائيندو.
هن وضاحت ڪندي چيو، ”ڳئون اسان جي به ماءُ آهي، مان ان کي پنهنجي ماءُ مڃان ٿو ڇو ته منهنجي امڙ هندو آهي، پيءُ مسلمان آهي ۽ منهنجي ماٽيلي ماءُ هيلن عيسائي آهي، اسان جو سڄو ڪٽنب ڀارت جي عڪاسي ڪري ٿو.“
ياد رهي ته سلمان خان هڪ گهڻ مذهبي خاندان سان تعلق رکي ٿو، سندس والد سليم خان مسلمان، والده سلمى خان ( سشيلا چرڪ) هندو ۽ ماٽيلي ماءُ هيلن عيسائي آهي، اِهو ئي آهي جو سلمان ۽ سندس ڀائر ڀينر ننڍپڻ کان ئي سيڪيولر ماحول مليو.
You might also like