لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي اڳوڻن ڪپتانن انضمام الحق ۽ مصباح الحق کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هال آف فيم ۾ شامل ڪيو ويو.
اڳوڻن ڪپتانن کي هي اعزاز قذافي اسٽيڊيم ۾ جاري ٽه ملڪي سيريز جي پهرين ميچ دوران ڏنو ويو. ان موقعي تي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي به موجود هو، جنهن ٻنهي ڪرڪيٽرن جي خدمتن کي ساراهيو.
انضمام الحق 1992ع جي ورلڊ ڪپ فاتح ٽيم جو حصو رهيو ۽ پاڪستان لاءِ 120 ٽيسٽ، 378 ون ڊي ۽ هڪ ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏي.
مصباح الحق 2010ع کان 2017ع تائين قومي ٽيم جي قيادت ڪئي ۽ پاڪستان کي 2016ع ۾ ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن تي پهچايو.
تقريب دوران ٻنهي اڳوڻن ڪرڪيٽرن خوشي جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سميت مداحن شڪريو ادا ڪيو.
انضمام الحق چيو ته هي اعزاز سندس لاءِ فخر جوڳو لمحو آهي، جڏهن ته مصباح الحق پاڪستان لاءِ کيڏڻ کي پنهنجي زندگيءَ جو اهم ترين حصو قرار ڏنو.
پي سي بي هال آف فيم جو مقصد پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ غيرمعمولي خدمتون انجام ڏيندڙ رانديگرن کي اعزاز ڏيڻ آهي.
انضمام ۽ مصباح کان اڳ وسيم اڪرم، وقار يونس، جاويد ميانداد ۽ ٻين ڪرڪيٽ ليجنڊز کي به ان اعزاز سان نوازيو ويو آهي.
Prev Post
You might also like