ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ اداڪارا مهر افروز کانپوءِ ناليواري ماڊل ۽ اداڪارا سوهانا صبا کي به گرفتار ڪيو ويو.
ڪجهه ڏينهن اڳ مشهور اداڪارا ۽ هدايتڪار مهر افراز کي حراست ۾ ورتو ويو هو، جنهن جي گهر کي اڻڄاتل ماڻهن باهه ڏئي ڇڏي هئي ۽ مڇريل ماڻهن سندس پيءَ جي گهر کي به باهه ڏئي ڇڏي هئي.
هاڻ خبرون سامهون اچي رهيون آهن ته اداڪارا سهابا صبا کي به پڇا ڳاڇا لاءِ حراست ۾ ورتو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب سوهانا صبا کي 6 فيبروري تي حراست ۾ ورتو ويو ۽ پڇا ڳاڇا لاءِ ڊٽيڪٽيو برانچ آفيس نيو ويو.
ڍاڪا ميٽروپوليٽن پوليس جي ڊپٽي ڪمشنر اداڪارا سوهانا صبا کان پڇا ڳاڇا جي تصديق ڪري ڇڏي.
ان کان اڳ مهر افروز شان کي ڍاڪا جي ڌان منڊي علائقي مان سندس رهائشگاهه تان حراست ۾ ورتو ويو هو، ان حوالي سان ڊٽيڪٽيو برانچ جي چيف چيو هو ته مهر کي ملڪ خلاف سازش جي الزام ۾ حراست ۾ ورتو ويو آهي.
You might also like