سلمان خان اتساهيندڙ ڀاشڻن کي فضول قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سلطان سلمان خان اتساهيندڙ ڳالهين ” موٽيويشنل اسپيچ “ کي فضول قرار ڏئي ڇڏيو.
سلمان خان پهريون ڀيرو ڀاڻيجي ارحان خان جي يوٽيوب چئنل ” ڊم برياني “ تي پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن زندگي، فلمي سفر، ڪاميابين ۽ ناڪامين بابت تفصيلي ويچار ونڊيا.
پوڊ ڪاسٽ دوران هن ڪيترن ئي موضوعن تي کُلي ڳالهايو ۽ موٽيويشنل ڳالهين کي فضول قرار ڏنو.
سلمان خان جو چوڻ هو ته موٽيويشنل ڀاشڻ ڏيڻ جي ضرورت ناهي، جيڪڏهن سکڻ جي خواهش هجي ته ماڻهو ڀت يا وڻ کان به ڪجهه سکي سگهي ٿو.
هن چيو ته جيڪڏهن ماڻهو ڪجهه سکڻ چاهي ته گوگل يا يوٽيوب به استاد ٿي سگهي ٿو، پر اصل شئي ڊسيپلين آهي.
سلمان خان ماڻهن جي سستي تي تنقيد ڪندي چيو ته جم وڃڻ يا ڪجهه نئون سکڻ ڏکيو هوندو آهي، پر ان لاءِ پاڻ کي مجبور ڪرڻو پوندو نه ته وقت کان اڳ پوڙها ٿي ويندئو.
هن پنهنجي ننڊ بابت ٻڌايو ته سندس ننڊ جو ڪو خاص وقت مقرر ناهي، هو عام طور تي رڳو 2 ڪلاڪ سمهي ٿو، پر مهيني ۾ هڪ ڀيرو 7-8 ڪلاڪ تائين ننڊ به ڪري ٿو.
سلمان خان چيو ته ڪامياب ماڻهو پنهنجي ڪاميابي جو مڪمل ڪريڊٽ پاڻ وٺن ٿا، جيڪو غلط آهي، ڇو ته ڪاميابي رڳو هڪ فرد جي نه هوندي آهي، جيڪڏهن ڪو پنهنجي ڪاميابي کي پاڻ تي سوار ڪري ته پاڻ کي تباهه ڪري ڇڏي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.